ٺٽو:(رپورٽر)سنڌ جي فن، فڪر، ادب ۽ جدوجهد جي علامت جيجي زرينه بلوچ جي اڄ ويهين ورسي ملهائي پئي وڃي، اها نياڻي، جنهن پنهنجي آواز، قلم ۽ عمل سان سنڌ جي ڌرتيءَ سان محبت جو نئون مفهوم ڏنو.زرينه بلوچ 29 ڊسمبر 1934ع تي حيدرآباد ڀرسان ڳوٺ الهداد چنڊ ۾ محمد موسيٰ بلوچ جي گهر جنم ورتو. ابتدائي تعليم قاضي عبدالقيوم اسڪول مان حاصل ڪري، 1960ع ۾ فائنل جو امتحان پاس ڪرڻ بعد استادن جي پيشو سان لاڳاپيل ٿي. تعليم کي پنهنجي زندگيءَ جو بنيادي مشن بڻائيندي، هوءَ نياڻين جي شعور ۽ سماجي اڳڀرائيءَ لاءِ سرگرم رهي.ريڊيو پاڪستان جي نون فنڪارن واري پروگرام ۾ شرڪت ڪندي، فرضي نالي “زرينه” سان سڃاتي ويئي. راڳ جي سکيا استاد محمد جمن کان حاصل ڪئي. سندس ڪوئل جهڙو آواز پهريون ڀيرو 1962ع ۾ ريڊيو تان گونجيو ته سنڌ جي گهر گهر ۾ سريلي انقلاب جو احساس پيدا ٿيو. “منهنجي ٻارڙي کي لوڏو ڏيو”، “مان پاڻيءَ تي ٿي وڃان”، ۽ “جيئي سنڌ” جهڙا گيت اڄ به هر سنڌي دل ۾ جذبو، سجاڳي ۽ سڪ جو پيغام بڻيل آهن. جڏهن به زرينه اسٽيج تي ايندي هئي، ته ماحول جو هر ڪنڊ جهومي پوندو هو.زرينه بلوچ جو ٻيو نڪاح 22 سيپٽمبر 1964ع ڌاري قانوندان ۽ سياستدان رسول بخش پليجو سان ٿيو، جنهن مان پٽ اياز لطيف پليجو ڄائو، جيڪو اڄ پنهنجي والدين جي فڪري ورثي کي اڳتي وڌائي رهيو آهي.جيجيءَ جي پهرين شادي پنھنجي ذات ۾ ٿيل ھئي جنهن مان کيس ٻه اولاد پٽ اسلم بلوچ ۽ ڌي اختر بلوچ ٿيا اختر بلوچ پاڻ به بهادر ۽ باضمير نياڻي هئي، جنهن “قيدياڻي جي ڊائري” جهڙو شاهڪار لکندي تاريخ ۾ امر ٿي وئي. فن سان گڏ ادبي دنيا ۾ به زرينه بلوچ پنهنجو نالو روشن ڪيو. سندس پهرئين ڪهاڻي “روح رهاڻ” رسالي ۾ ڇپي، جڏهن ته ڪهاڻين جو مجموعو “تنهنجي ڳولا تنهنجون ڳالهيون” سنڌي ادب ۾ اهم جاءِ والاري ٿو — جنهن ۾ سنڌي عورت جي احساسن، جدوجهد ۽ سماجي ڪيفيت کي نهايت حساس انداز ۾ پيش ڪيو ويو آهي. زرينه بلوچ قومي تحريڪن ۾ هميشه اڳڀري رهي. 1968ع ۾ ون يونٽ ۽ فوجي آمريت خلاف احتجاجي قافلن ۾ شرڪت ڪئي، پوليس تشدد برداشت ڪيو، پر سنڌ سان وابستگيءَ تان ڪڏهن به نه ڦري. 1979ع ۾ ضياءَالحق جي مارشل لا دوران ٻن سالن تائين قيد ڪاٽي، پر پنهنجي ڌرتيءَ جي حقن جي ڳالهه ڪندي رهي.زرينه بلوچ ڊرامن “دنگيءَ منجه درياهه”، “راڻيءَ جي ڪهاڻي”، “ڪاروان” ۽ “ديوارين” ۾ يادگار ڪردار ادا ڪيا. انهن ڊرامن کي عالمي سطح تي ساراهيو ويو ۽ ورلڊ ڊراما فيسٽيول جا انعام به مليا زرينه بلوچ کي لطيف ايوارڊ، سچل سرمست ايوارڊ، قلندر لعل شهباز ايوارڊ، سگا ايوارڊ ۽ رام پنجواڻي ايوارڊ سميت ڪيترائي قومي ۽ بين الاقوامي اعزاز مليا.هوءَ سنڌ جي انهن نياڻين مان هئي، جن پنهنجي فن، فڪر ۽ عزم سان تاريخ ۾ امر حيثيت ماڻي. اڄ به سندس گيت، فڪر ۽ آواز سنڌ جي هوائن ۾ گونجندا رهن ٿا، ۽ هر نئين نسل لاءِ حوصلو ۽ الهام بڻيا پيا آهن. جيجي زرينه بلوچ ڪجھ عرصو بيمار رھڻ بعد 25 آڪٽوبر 2005 ع ڌاري جسماني طور اسان کان موڪلاڻي ڪري وئي پر سندس فڪر، فن ۽ آواز اڄ به سنڌ جي ساهه ۾ سمايل آهن.










