اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پيٽروليم واري وزير علي پرويز ملڪ چيو ته جيئن ئي حالتون بهتر ٿينديون، قيمتون ساڳئي رفتار سان گهٽايون وينديون، ۽ قيمتن جو هفتيوار جائزو ورتو ويندو.هن چيو ته پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ جو فيصلو مجبوري ۾ ڪيو ويو آهي. پيٽرول جي وڪرو بند ڪري منافعو ڪمائيندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.علي پرويز ملڪ جو چوڻ آهي ته پاڪستان صورتحال مطابق پنهنجا ذخيرا وڌائي ڇڏيا هئا. آبنائے هرمز جي بندش کان پوءِ سعودي عرب جي ٻين بندرگاهن کان تيل آندو پيو وڃي.پيٽروليم واري وزير چيو ته پي اين ايس سي جا ٻه جهاز سعودي عرب ۾ ٻين رستن کان پاڪستان ۾ تيل آڻي رهيا آهن، سعودي آرامڪو چيو آهي ته جيڪڏهن پاڪستان هڪ وڏو جهاز به موڪليندو ته ان تي به تيل موڪليندو.










