واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آمريڪي صدر جو بائيڊن 1700 ارب ڊالر جي امدادي بل تي صحيح ڪري ڇڏي. سرڪاري فنڊنگ جي هن رقم مان صرف يوڪرين لاءِ 47 بلين ڊالر جي اضافي امداد ملندي. هي ڊيموڪريٽس جي فتح آهي، ڇو ته خدشو هو ته ريپبلڪن جن کي جنوري ۾ ايوان جو ڪنٽرول هوندو اهي خرچن ۾ وڌيڪ گهٽتائي ۽ بل بلاڪ ڪري سگهن پيا. بائيڊن، جيڪو آمريڪي ورجن ٻيٽن ۾ سينٽ ڪرڪس تي آهي، خميس تي بل تي دستخط ڪيو. وائيٽ هائوس جي مطابق اسٽاف باقاعده طور تي مقرر ڪيل ڪمرشل اڏام ذريعي دستخط لاءِ صدر کي بل موڪليو. يوڪرين کي روس واري جنگ بعد آمريڪا 65 ارب ڊالر اڳ ۾ ئي امداد ڏئي چڪو آهي. نئين امداد بعد هن وقت تائين مجموعي امداد 112 ارب ٿي ويندي.










