ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪراچي جي جناح اسپتال ۾ جديد سهولتن جو افتتاح ڪري ڇڏيو، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان گڏ سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه ۽ صحت واري وزير ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو به موجود آهن،چيئرمين بلاول ڀٽو جناح اسپتال ۾ 120 بسترن تي ٻڌل ڊپارٽمينٽ آف سائڪيٽري اينڊ بيويورل سائنسز جو افتتاح ڪيو،بلاول ڀٽو زرداري جناح اسپتال ۾ 110 بسترن تي ٻڌل ڊپارٽمينٽ آف نيورولوجي اينڊ اسٽروڪ يونٽ جو افتتاح ڪيو،چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جناح اسپتال ۾ جديد علاج واري طريقي سائبر نائف S7-FIM جو افتتاح ڪري ڇڏيو. پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سنڌ جي وڏي وزير کي هدايت ڪئي آهي ته سنڌ ۾ صحت جون بهترين سهولتون جاري رکيون وڃن، پاڪستان جي عوام کي هي جديد سهولتون مڪمل طور تي مفت فراهم ڪيون پيون وڃن.










