ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ سپر هاءِ وي تي جمالي پل ويجهو موٽرسائيڪل سوارن پوليس آفيسرن تي فائرنگ ڪئي، جنهن ۾ اهي زخمي ٿي پيا.پوليس جو چوڻ آهي ته شڪي ماڻهن جي فائرنگ ۾ ٻه آفيسر زخمي ٿيا ۽ انهن کي فوري طور تي اسپتال منتقل ڪيو ويو.پوليس موجب، موٽرسائيڪل سوارن کي سنيپ چيڪنگ دوران روڪيو ويو، ۽ جڏهن انهن کي روڪيو ويو ته موٽرسائيڪل سوارن پوليس آفيسرن تي فائرنگ ڪئي.










