ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي نئين چونڊيل مجلس شورىبراءِ سال2022 کان24 تائين جو اعلان ٿي ويو. صوبائي اڳواڻ ناظم انتخابات محمد مُسلم موجب ڪراچي ضلع وسطي مان حافظ نعيم الرحمن، وجيه الحسن، اويس ياسين، ضلع شرقي مان سيد شاهد هاشمي، ڊاڪٽر فواد احمد، ڊاڪٽر اُسامه رضي. ضلع غربي مان مدثر انصاري، ضلع جنوبي مان سيد عبدالرشيد، سفيان دلاور،علي حسين ضلع گلبرگ وسطي فاروق نعمت الله، ڪامران سراج، نصرت الله، ضلع شمالي محمد يوسف، عرفان احمد، ضلع ڪورنگي مرزا فرحان بيگ، عبدالجميل خان، ضلع ملير مان محمد اسلام، ضلع ائرپورٽ مان توفيق الدين صديقي، محمد فرحان، محمد اشرف، ضلع قائدين مان سيف الدين ايڊوڪيٽ، ضلع ڪياماڙي مان مولانا فضل احد، حميد الله خان، حيدرآباد مان عبدالوحيد قريشي، عقيل احمد خان، دادو ۽ ڄامشورو مان مولانا عبدالواحد ٻٻر، لاڙڪاڻو، شهداد ڪوٽ مان قاري ابو زبير جکرو، ضلع مٽياري، ٽنڊومحمد خان ۽ ٽنڊوالهيار کان فقير محمد لاکو، ديدار بهراڻي، ضلع جيڪب آباد مان حاجي ديدار لاشاري، ضلع ڪشمور مان مولانا سليم الله خلجي، حاجي بُليدي، ضلع شڪارپور عبدالرحمن مڱريو، ضلع بدين ۽ ٺٽو مان سيد دائود شاه، ضلع نواب شاه ۽ سانگهڙ مان سُرور احمد قريشي، نوشهروفيروز ۽ خيرپور مان محمد شبير خانزادو، ضلع سکر ۽ گهوٽڪي کان مولانا حزب الله جکرو، تشڪيل احمد صديقي کي صوبائي شورى جو رڪن چونڊيو ويو آهي جڏهن ته ضلع ميرپور خاص، عمرڪوٽ ۽ ٿرپارڪر جي نشست جو اعلان بعد ۾ ڪيو ويندو.










