جعفرا ايڪسپريس حملي خلاف اتفاق راءِ سان مذمتي ٺهراءُ منظور

جعفرا ايڪسپريس حملي خلاف اتفاق راءِ سان مذمتي ٺهراءُ منظور

اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر)جعفر ايڪسپريس تي حملو ۽ هاءِ جيڪ ڪرڻ خلاف قومي اسيمبلي مان خميس تي مذمتي قرارداد متفقه طور تي منظور ڪئي وئي. قرارداد وفاقي پارليماني معاملن جي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري پيش ڪئي، جنهن تي مخالف ڌر سميت سڀني سياسي جماعتن جي ميمبرن جون صحيحون آهن. قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته جعفر ايڪسپريس کي هاءِ جيڪ ڪرڻ ۽ شهرين جي زندگين کي خطري ۾ وجهڻ جي سخت مذمت ڪئي وڃي ٿي۔ قرارداد ۾ اهو به چيو ويو آهي ته ملڪ جي امن کي تباهه ڪندڙ دهشتگردي جي سڀني ڪاررواين جي سخت مذمت ڪئي وڃي ٿي۔ان کان اڳ بحث دوران دفاع واري وفاقي وزير خواجا آصف چيو ته کيس بيحد افسوس ٿيو ته هن واقعي بابت پي ٽي آءِ جي آفيشل اڪائونٽش تان جيڪي ٽوئيٽ جاري ٿيا، انهن ۾ سيڪورٽي فورسز جي موقف جي نفي ڪندي بي ايل اي ۽ ڀارت جي موقف جي تائيڊ ڪئي وئي. هن عمر ايوب کي مخاطب ٿيندي چيو ته تنهنجي ڏاڏو ايوب خان پهريون شخص هو جنهن آئين معطل ڪرڻ ۽ مارشل لا لاڳو ڪرڻ جو رواج وڌو، جمهوريت جو ڳلو گهٽي جعلي نمائندا اڳتي آندا ۽ پاڻ ڱي ڪوڙو في3لڊ مارشل قرار ڏنو، اوهان ڪهڙي منهن سان جمهوريت جي ڳالهه ٿا ڪريو. هن پي ٽي آءِ وارن کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو ۽ چيو ته اوهان فوجي ڊڪٽيٽرن جي پيداوار آهيو، عمران خان مشرف جي ريفرينڊم جي حمايت ڪئي ۽ جنرل باجوا کي ابو قرار ڏنو هو. جنهن تي پي ٽي آءِ جي ميمبرن کيس چيو ته تنهنجو والد ضياءُ الحق جي دور جي پيداوار هو، جنهن تي خواجا آصف چيو ته بالڪل مان اڳ ۾ به ان تي معافي ورتي هئي ۽ هاڻي به پڇتاءُ آهي پر اوهانکي ته اڄ به شرم نٿو اچي. خواجا اصف چيو ته پي ٽي آءِ وارن کي شرم اچڻ گهرجي جو هو چوندا رهيا آهن ته خان ناهي ته پوءِ پاڪستان به ناهي.جنهن جي جواب م اسد قيصر چيو ته اسان اميد ڪئي پئي ته دفاع وارو وزير دهشتگردي جي واقعي جا تفصيل ٻڌائيندو ۽ بهتر ماحول جوڙيندو پر هن ته رڳو پي ٽي آءِ تي تنقيد ڪئي. هن چيو ته پي ٽي آءِ ۽ ان جو باني هنن جي دل ۽ دماغ تي سوار آهي. هن چيو ته مان چيلينج ٿو ڪريان ته اڄ فيئر اليڪشن ڪرايو اوهانکي عوام پنهنجي اوقات ياد ڏياري ڇڏيندو. ان دوران حڪومت ۽ اپوزيشن وارا هڪٻئي کي برو ڀلو چوندي هوٽنگ ڪندا رهيا.

پهنجو تبصرو موڪليو