جشنِ آزادي جي حوالي سان اسڪول ۾ پروگرام منعقد

جشنِ آزادي جي حوالي سان اسڪول ۾ پروگرام منعقد

سيٺارجا(ن سنڌيار)سيٺارجا ۾ جشن آزادي جي حوالي سان گورنمينٽ هاءِ اسڪول سيٺارجا ۾ پروگرام منقد ڪيو ويو جنهن ۾ شاگردن , شاگردياڻين, استادن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي جنهن موقعي تي شاگردن پاران ٽيبلوز, تقريرون ۽ ملي نغمن جا شاندار مقابلا ٿي گذريا ان موقعي تي اسڪول جي شاگردن ۽ شاگردياڻين صائمه, بينظير, دعا زهرا , ثمر علي ڪٻر ۽ ٻين چيو ته آزادي هڪ نعمت آهي جنهن جو قدر ڪندي ملڪ جي آزادي جي 75هين ڏهاڙي کي ڀرپور نموني سان ملهائڻ جي شروعات ٿي ويئي آھي ۽ مختلف پروگرام منعقد ڪيا ويا آهن جن ۾ آزادي لاءِ جدوجهد ڪندڙ هيروز کي خراج تحسين پيش ڪيا پيا وڃن ۽ اسان به ان ۾ حصو وٺڻ لاءِ هيءُ پروگرام ڪيو آهي ان موقعي تي استادن پروفيسر ذاڪر حسين منگي, الطاف حسين سهتو, راشد علي لنڊ شهمير حسين ملاح , اعجاز علي شيخ, عطا محمد سهتو, اسد علي خاصخيلي, محمد بخش سهتو , استاد غلام قادر سولنگي چيو ته پاڪستان جي آزادي وارو اسان پاڪستان اندر انتهائي جوش ۽ جذبي سان ملهائيندا آهيون هنن چيو ته جشن آزادي جي حوالي سرڪاري ادارن سميت ٻين هنڌن تي هي ڏهاڙو عيد عيد جيان ملهايو ويندو آهي ننڍا ٻار توڙي وڏا پنهنجن گهرن ۽ گهٽين کي ساون جهندن ۽ لائيٽن سان سجائي خوشي وچان ڏينهن ملهايو ويندو آهي آخر ۾ پاڪ فوج جي شهيد ٿيل جوانن ۽ پاڪ فوج جي آفيسرن جي سلامتي لاء خصوصي دعائون پڻ گهريون ويون

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو