جان محمد مهر  نامعلوم هٿياربندن جي قاتلاڻي حملي ۾ شهيد

جان محمد مهر نامعلوم هٿياربندن جي قاتلاڻي حملي ۾ شهيد

سکر(بيوور رپورٽ) ڪاوش ۽ ڪي ٽي اين جي بيورو چيف سينئر صحافي جان محمد مهر تي نامعلوم هٿياربندن قاتلاڻو حملو ڪيو آهي. جان محمد مهر آفيس مان گهر وڃي رهيو هو ته مڪي مسجد لڳ مٿس موٽر سائيڪل سوار ٻن ڄڻن حملو ڪيو. کيس حرا اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو جتي هن زخمن جا سور نه سهندي دم ڌڻي حوالي ڪيو،ان کان اڳ ڊاڪٽرن جو چون آهي ته ڪنڌ، هٿ ۽ اک لڳ گوليون لڳل آهن. ساهه جي رڳ لڳ ڪنڌ ۾ لڳل گولي سبب جسم اندر رت بند ناهي ٿي سگهيو جنهن سبب سندس حياتي کي خطرو آهي. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ آءِ جي سنڌ نوٽيس وٺندي جوابدارن جي گرفتاري جو حڪم ڏنو آهي. جان محمد مهر جي سئوٽ شيراز مهر جو چوڻ آهي ته مهر برادري جي ماڻهن سان زمين تي تڪرار هلندڙ هو ۽ انهن جان محمد مهر کي هٽ ڪرڻ جون ڌمڪيون به ڏنيون هيون. چونديل نمائندا، ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي سکر، صحافي، مائٽ ۽ عام ماڻهو وڏي انگ ۾ اسپتال پهتل آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو