اسلام آباد(بيورو رپورٽ)اسلام آباد جي عدالت ۾ تڪراري ٽوئيٽس ڪيس ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي سينيٽر اعظم سواتي جي ضمانت واري درخواست جي ٻڌڻي دوران سندس وڪيل دليل ڏنا.اسپيشل جج سينٽرل اسلام آباد اعظم خان اعظم سواتي جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.نئين جج جي مقرري سبب عدالت ۾ اعظم سواتي جي ضمانت واري درخواست تي بحث ٻيهر شروع ٿي ويا.اعظم سواتي جي وڪيل بابر اعواڻ دليل ڏيندي چيو ته ڪيس ۾ مدعي متاثر ڌر ناهي، ڪيس ايف آءِ اي داخل ڪرايو هو.بابر اعواڻ جا دليل مڪمل ٿيڻ بعد اسپيشل پراسيڪيوٽر راجا رضوان عباسي سڀاڻي دليل ڏيندو.اسپيشل جج سينٽرل اسلام آباد اعظم خان جي عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.










