توشه خاني جا تفصيل عام ڪرڻ وارو فيصلو چئلينج

توشه خاني جا تفصيل عام ڪرڻ وارو فيصلو چئلينج

لاهور(ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت توشه خاني جا تفصيل عام ڪرڻ واري فيصلي کي چئلينج ڪري ڇڏيو آهي.وفاقي حڪومت توشه خاني جا تفصيل عام ڪرڻ واري سنگل بينچ جي فيصلي کي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو، جتي حڪومت ايڊيشنل اٽارني جنرل ذريعي اپيل داخل ڪئي.لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس شاهد بلال حسن ۽ جسٽس رضا قريشي تي ٻڌل ٻه رڪني بينچ حڪومتي اپيل تي ٻڌڻي ڪندي.سنگل بينچ 1990ع کان 2001ع تائين جي توشه خاني جا تفصيل عام ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو