توشه خانه ٽو ڪيس ۾ عمران خان جي ضمانت منظور

توشه خانه ٽو ڪيس ۾ عمران خان جي ضمانت منظور

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ توشه خانه 2 ڪيس ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان کي 10 لک رپين جي مچلڪن ۽ ٻن ضمانتن تي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.سپريم ڪورٽ توشه خانه ڪيس 2 ۾ عمران خان جي ضمانت جو لکت وارو حڪم پڻ جاري ڪري ڇڏيو آهي.جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب هڪ صفحن تي ٻڌل مختصر حڪم ۾ چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني جي 10 لک رپين جي مچلڪن ۽ ٻن ضمانتن تي ضمانت منظور ڪئي وئي آهي. عدالت پنهنجي حڪم ۾ خبردار ڪيو آهي ته درخواستگذار ضمانت جو ناجائز فائدو نه وٺي، جيستائين عدالت حاضري کان ڇوٽ نه ڏئي، درخواستگذار کي هر ٻڌڻي تي ٽرائل ڪورٽ ۾ پيش ٿيڻو پوندو.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پنهنجي حڪم ۾ قرار ڏنو آهي ته جيڪڏهن درخواستگذار ضمانت جو غلط استعمال ڪيو ته پراسيڪيوشن ضمانت واپس وٺڻ جي درخواست ڪري سگهي ٿي.حڪم ۾ چيو ويو آهي ته درخواستگذار جي ضمانت منظور ڪرڻ جا سبب تفصيلي فيصلي ۾ ڏنا ويندا.ٽرائل ڪورٽ کي مطمئن ڪرڻ لاءِ درخواستگذار کي 10 لک رپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ گهرجن….اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب پي ٽي آءِ باني جي ضمانت واري درخواست منظور ڪئي. پي ٽي آءِ باني جو وڪيل بيرسٽر سلمان صفدر، ايف آءِ اي اسپيشل پراسيڪيوٽر عمر مجيد ملڪ ۽ ذوالفقار عباس نقوي عدالت ۾ پيش ٿيا. ڊگهي ٻڌڻي کان پوءِ عدالت عمران خان جي 10 لک روپين جي مچلڪن عيوض ضمانت منظور ڪئي.ٻڌڻي دوران ايف آءِ اي پراسيڪيوٽر چيو ته عدالت جيڪو به فيصلو ڪري پر ميڊيا ۾ پهريان ئي ضمانت ٿي ويندي جنهن تي جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب چيو ته ميڊيا کي پاڻ کان آجو ڪريو. عدالت وڪيل صفائي کان پڇاڻُ ڪيو ته هن جيولري سيٽ جو اندازو ڪيئن لڳايو؟ بيرسٽر سلمان صفدر چيو ته اهو ته عدالت ۾ استغاثه ٻڌائيندو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پڇيو ته چالان ۾ رسيد بشريٰ بي بي جي آهي يا عمران خان جي؟ جنهن تي بيرسٽر سلمان صفدر چيو ته چالان ۾ رسيد تي بشريٰ بي بي جو نالو آهي. بيرسٽر سلمان صفدر چيو ته الزام آهي ته پي ٽي آءِ باني ذاتي مفاد لاءِ پنهنجو اثر رسوخ استعمال ڪيو. هن چالان ۾ اهو واضح ناهي ته مرڪزي جوابدار ڪير آهي. توشه خانه نيب ڪيس ۾ عمران خان کي 14 سالن جي سزا ٿي آهي.عدالت پڇيو ته اسلام آباد پوليس ڪهڙو ڪيس داخل ڪيو آهي؟ بيرسٽر سلمان صفدر ٻڌايو ته ڪوهسار ٿاڻي جي پوليس جعلي رسيدن جو ڪيس ٺاهيو آهي، انهي ۾ ڏوهه واضح نه ٿيو ته ڪيس وڌيڪ انڪوائري ۽ ضمانت جو ٿئي ٿو. جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب ريمارڪس ڏيندي چيو ته گذريل حڪومت توشه خانه جا تفصيل نه ٻڌايا هئا، اسان پڇندا هئاسين ته توشه خانه جا تفصيل لڪايا ويندا هئا.پي ٽي آءِ باني جي وڪيل دليل مڪمل ڪندي چيو ته اپريزر صهيب عباسي چوي ٿو ته مون کي پي ٽي آءِ باني ٿريٽ ڪيو جڏهن ته عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جي ته ملاقات ئي صهيب عباسي سان نه ٿي آهي، ڪسٽم جي ٽنهي آفيسرن پنهنجي بيان ۾ چيو ته اسان جي مٿان ڪوبه دٻاءُ نه هو ته پوءِ انهن صحيح قيمت ڇو نه لڳائي؟ ايف آءِ اي پراسيڪيوٽر چيو ته بلغاري سيٽ توشه خانه ۾ جمع ئي ناهي ڪرايو ويو. رياست جي تحفي جي گهٽ قيمت لڳرائي رياست کي نقصان پهچايو ويو، پي ٽي آءِ باني ۽ ان جي گهر واري ٻنهي ڄڻن فائدو کنيو آهي.جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب پڇيو ته پي ٽي آءِ باني کي ڪيئن فائدو ٿيو؟ ايف آءِ اي پراسيڪيوٽر جواب ڏنو ته جڏهن زال کي فائدو مليو ته مڙس کي به فائدو ٿيو. جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب ريمارڪس ڏنا ته مهرباني ڪريو اهڙا جملا استعمال نه ڪريو منهنجي زال جون شيون منهنجون نه آهن. اسان اڃان تائين ڪهڙي دنيا ۾ رهون ٿا. جنهن کان پوءِ عدالت پي ٽي آءِ باني عمران خان جي توشه خانه ٽو ڪيس ۾ ضمانت جي درخواست تي ٻڌڻي ۾ وقفو ڪري ڇڏيو وقفي کان پوءِ ايف آءِ اي پراسيڪيوٽر دليل ڏيندي بشريٰ بي بي جي ٽرائل ڪورٽ ۾ پيش نه ٿيڻ تي فرد جرم ملتوي ڪرڻ جو معاملو اٿاريو.جسٽس حسن اورنگزيب پڇيو ته جن ٽن ڪسٽم آفيسرن قيمت غلط لڳائي انهن بابت ڪهڙي ڪارروائي ٿي؟ ايف آءِ اي پراسيڪيوٽر ٻڌايو ته ڪسٽم آفيسرن کان ڪوتاهي ٿي پر اهو ڪرمنل مس ڪنڊڪٽ نه هو، نيب طرفان اهڙن آفيسرن جي خلاف ڪنهن به قسم جي ڪارروائي جي سفارش ناهي ڪئي وئي.جنهن کان پوءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ توشه خانه ٽو ڪيس ۾ 10 لک روپين جي مچلڪن عيوض پي ٽي آءِ باني جي ضمانت واري درخواست منظور ڪندي کيس آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو