توشه خانه 2  ڪيس  ۾ بشريٰ جي ضمانت رد واري درخواست تي نوٽس

توشه خانه 2 ڪيس ۾ بشريٰ جي ضمانت رد واري درخواست تي نوٽس

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ توشه خانه ڪيس 2 ۾ ضمانت رد ڪرڻ بابت ايف آءِ اي جي درخواست تي پي ٽي آءِ باني جي گهرواري بشرا بي بي کي نوٽيس جاري ڪندي ايندڙ هفتي جواب طلب ڪري ورتو آهي.جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب ايف آءِ اي جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.ٻڌڻي دوران ايف آءِ اي جي پراسيڪيوٽر ذوالفقار عباس نقوي چيو ته بشرا بي بي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ضمانت جو غلط استعمال ڪري رهي آهي.پراسيڪيوٽر چيو ته بشرا بي بي ٽرائل ڪورٽ جي اڪثر ٻڌڻين ۾ پيش نه ٿي.عدالت ايف آءِ اي جي درخواست تي بشرا بي بي کي نوٽيس جاري ڪندي ٻڌڻي ايندڙ هفتي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو