ترڪيه ۽ پاڪستان جوگڏيل حڪمت عملي اختيار ڪرڻ تي اتفاق

ترڪيه ۽ پاڪستان جوگڏيل حڪمت عملي اختيار ڪرڻ تي اتفاق

انقره (ويب ڊيسڪ)پاڪستان جي چيف آف ڊفينس فورسز (سي ڊي ايف) ۽ چيف آف آرمي اسٽاف فيلڊ مارشل عاصم منير ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان سان انقره ۾ ملاقات ڪئي آهي، جنهن جي تصديق ترڪ صدارتي اداري پنهنجي ايڪس (X) اڪائونٽ تي جاري ڪيل پوسٽ ذريعي ڪئي آهي.
اڱاري ڏينهن جاري ڪيل پوسٽ، جنهن سان ٻنهي اڳواڻن جي تصوير پڻ شامل هئي، ۾ چيو ويو ته صدر اردوان انقره ايئرپورٽ تي فيلڊ مارشل عاصم منير جو استقبال ڪيو.
خبرون ڏيندڙ اداري رائٽرز موجب اها ملاقات انقره ايئرپورٽ تي بند ڪمرن ۾ ٿي. رپورٽ موجب ان ملاقات ۾ ترڪيه جي نائب صدر جودت يلماز، ترڪ جنرل اسٽاف جي سربراهه جنرل سلجوق بيرقداراوغلو ۽ نيشنل انٽيليجنس آرگنائيزيشن (MIT) جي ڊائريڪٽر ابراهيم قالن پڻ شرڪت ڪئي.
ٻئي طرف پاڪستان ۾ ترڪ سفارتخاني پنهنجي ايڪس پوسٽ ۾ ٻڌايو ته فيلڊ مارشل عاصم منير جي انقره پهچڻ تي ترڪ هٿياربند فوجن جي ٽنهي سروسز جي دستي طرفان کين گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو.
پوسٽ موجب، پنهنجي سرڪاري دوري دوران ترڪ جنرل اسٽاف جي سربراهه جنرل سلجوق بيرقداراوغلو سندن آجيان ڪئي.
ترڪ سفارتخاني پنهنجي بيان ۾ چيو ته، “ڀائپي، گڏيل اعتماد ۽ هڪجهڙي حڪمت عملي واري ويزن تي ٻڌل ترڪيه ۽ پاڪستان وچ ۾ دفاعي ۽ فوجي سهڪار مسلسل وڌيڪ مضبوط ٿيندو پيو وڃي.”
فيلڊ مارشل عاصم منير سومر ڏينهن ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي ترڪيه پهتا هئا، جڏهن ته صدر اردوان ۽ جنرل بيرقداراوغلو سان سندن ملاقاتن جو صحيح وقت اڃا واضح ناهي.
هن وقت تائين پاڪستان طرفان ان دوري بابت ڪو سرڪاري بيان جاري ناهي ڪيو ويو. البته، سرڪاري ميڊيا موجب فيلڊ مارشل عاصم منير پنهنجي دوري دوران ترڪيه جي فوجي ۽ سياسي قيادت سان “اهم” ملاقاتون ڪندا.
گذريل مهيني ترڪ زميني فوج جي ڪمانڊر جنرل ميٽن ٽوڪل پاڪستان جي دوري دوران فيلڊ مارشل عاصم منير سان ملاقات ڪئي هئي.
پاڪ فوج جي شعبي آءِ ايس پي آر موجب ٻنهي اڳواڻن علائقائي سلامتي جي صورتحال ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ دفاعي سهڪار کي وڌيڪ هٿي وٺرائڻ جي طريقن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي هئي.
جنرل ميٽن ٽوڪل پنهنجي دوري دوران پاڪستان نيوي ۽ پاڪستان ايئر فورس جي سربراهن سان پڻ الڳ الڳ ملاقاتون ڪيون هيون.

پهنجو تبصرو موڪليو