اسلام آباد (بيورو) گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته گذريل حڪومت پاڻ اسان کي آڇ ڪئي هئي ۽ ايف اي ٽي ايف ۽ نيب ترميمن تي ڳالهين جي دعوت ڏني هئي. ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله چيو ته پي ٽي آءِ بعد ۾ اسان جي تجويزن کي ميڊيا ۾ استعمال ڪرڻ شروع ڪيو. گهرو وزير چيو ته ان وقت جي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي کيس الڳ فون ڪيو ۽ چيو ته سندس تجويزون درست آهن پر چريو عمران خان قبول نه ڪري رهيو آهي.










