اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پي ٽي آءِ خيبرپختونخواهه ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف پارليامينٽرينز سان گڏ حڪومت ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو آهي.ذريعن موجب پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ پي ٽي آءِ پارلياماني اڳواڻن وچ ۾ خيبرپختونخواهه ۾ حڪومت سازي لاءِ به ڳالهيون ٿيون.پي ٽي آءِ جي ذريعن جو چوڻ آهي ته عمران خان پي ٽي آءِ پارليامينٽرينز سان اتحاد جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي.ذريعن موجب جماعت اسلامي جي انڪار کانپوءِ پي ٽي آءِ پرويز خٽڪ سان گڏ هلڻ جو فيصلو ڪيو آهي.










