ڍاڪا(ويب ڊيسڪ)بنگلاديش پريميئر ليگ ۾ رضوان جي ٽيم ڪوميلا وڪٽورين ۽ وهاب رياض جي ٽيم خولنا ٽائيگرز پنهنجا پنهنجا ميچ کٽي ورتيون آهن. چٽوگرام ۾ کيڏيل ميچ ۾ سلهٽ اسٽرائڪرز جي ٽيم ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ ڪندي 7 وڪيٽن جي نقصان تي 133 رنسون ٺاهيون. ثشارا پريرا 43 ۽ عماد وسيم 40 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيا. گذريل ميچ ۾ رنگپور رائيڊرز کليلنا ٽائيگرز خلاف 129 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي هئي. وهاب رياض 4 ۽ عماد بٽ 3 وڪيٽون حاصل ڪيون، جواب ۾ خولنا هدف 19 هين اوور ۾ هڪ وڪيٽ تي حاصل ڪري ورتو، تميم اقبال 60 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو. واضح رهي ته بنگلاديش پريميئر ليگ جون ميچون جيو سپر تي لائيو ٽيلي ڪاسٽ ڪيون وينديون آهن.










