بي بي ايل ۾ پرڏيهي رانديگرن لاءِ ڊرافٽ ڪرائڻ جو فيصلو

بي بي ايل ۾ پرڏيهي رانديگرن لاءِ ڊرافٽ ڪرائڻ جو فيصلو

لاهور (ويب ڊيسڪ)وومين بگ بيش ليگ ۾ پرڏيهي رانديگرن لاءِ به ڊرافٽ متعارف ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.WBBL سيزن 24-2023 ۾، پرڏيهي رانديگرن جي چونڊ ڊرافٽ ذريعي ڪئي ويندي، جنهن ۾ ٽيمون ٽن پرڏيهي عورتن ڪرڪيٽرن کي منتخب ڪنديون.بي بي ايل موجب پرڏيهي ڪرڪيٽرن لاءِ گولڊ، سلور ۽ برونز ڪيٽيگريز رکيا ويا آهن.ان حوالي سان بي بي ايل جو چوڻ آهي ته ڊرافٽ کان اڳ ليگ پلاٽينم ڪيٽيگري ۾ رجسٽرڊ ٿيل اهم ڪرڪيٽرن کي پروموٽ ڪري سگهندي.رپورٽن مطابق پلاٽينم کي هڪ لک آسٽريلين ڊالر ملندا، جڏهن ته گولڊ 90، سلور 65 ۽ برونز ڪيٽيگري جي رانديگرن کي 40 هزار آمريڪي ڊالر ملندا.واضح رهي ته گذريل سال بي بي ايل ۾ پهريون ڀيرو پرڏيهي ڪرڪيٽرن لاءِ ڊرافٽ سسٽم متعارف ڪرايو ويو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو