ممبئي (ويب ڊيسڪ)بالي ووڊ اداڪاره اروشي روٽيلا هاڻي اداڪار بوبي ديول سان گڏ فلم ۾ ڪم ڪندي.ڀارتي ميڊيا موجب اداڪارا ان کان اڳ سني ديول سان گڏ هڪ فلم ۾ ڪم ڪري چڪي آهي ۽ هاڻي هوءَ پنهنجي ڀاءُ بوبي ديول سان اسڪرين تي نظر ايندي.اروشي روٽيلا سوشل ميڊيا تي بوبي ديول سان هوائي جهاز جي اندر جي تصوير شيئر ڪندي خوشي جو اظهار ڪندي چيو ته هوءَ ۽ بوبي ديول جلد هڪ فلم ۾ گڏ ڪم ڪندا.ڀارتي ميڊيا موجب بوبي ديول 1995ع ۾ بالي ووڊ فلم بارسات ۾ ڊيبيو ڪيو، جنهن کانپوءِ هن ڪيترين ئي فلمن ۾ ڪم ڪيو.بوبي ديول جي تازو رليز ٿيل فلم ”جانور“ به ڪامياب ثابت ٿي آهي.ٻئي طرف اداڪاره اروشي روٽيلا به ڪيترين ئي فلمن، ميوزڪ ويڊيوز ۽ ويب سيريز ۾ ڪم ڪيو آهي.










