بنون ۾ خارجين جي ڪوشش ناڪام، 3 دهشتگرد ماريا ويا

بنون ۾ خارجين جي ڪوشش ناڪام، 3 دهشتگرد ماريا ويا

بنون (ويب ڊيسڪ)پوليس گذريل رات خيبر پختونخواه جي بنون ضلعي ۾ هويد پوليس اسٽيشن جي مزنگا چوڪي تي حملي جي فتنه الخارج دهشتگردن جي بزدلانه ڪوشش کي ناڪام بڻائي ڇڏيو، سيڪيورٽي ذريعن موجب، فتنہ الخوارج جي ٽن دهشتگردن گذريل رات بارود سان ڀريل رڪشا استعمال ڪندي بنون ۾ هويد پوليس اسٽيشن جي مزنگا چوڪي تي حملي جي بزدلانه ڪوشش ڪئي، چوڪي تي موجود بهادر پوليس اهلڪارن بروقت ۽ موثر ڪارروائي ڪئي ۽ دشمن جي بڇڙي ارادن کي ناڪام بڻائي ڇڏيو، چوڪي تي موجود بهادر پوليس اهلڪارن شڪي حرڪت ڏسي رڪشا کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ جڏهن اهو نه روڪيو ته پوليس اهلڪارن فائرنگ ڪئي، جنهن جي ڪري رڪشا موقعي تي ئي ڦاٽي پيو، سيڪيورٽي ذريعن موجب، ٽي دهشتگرد موقعي تي ئي مارجي ويا ۽ سڀئي پوليس اهلڪار محفوظ رهيا، جڏهن ته ڌماڪي جي شدت سان ويجهي گهرن کي معمولي نقصان پهتو.

پهنجو تبصرو موڪليو