بنون ۾ شادي جي تقريب دوران ٻن گروپن ۾ فائرنگ ۾ ٽي ماڻهو مارجي ويا ۽ اٺ زخمي ٿي پيا.پوليس موجب، رات دير سان بنون جي نار جعفر علائقي ۾ هڪ شادي جي تقريب ۾ موسيقي هلي رهي هئي ۽ کدڙا فقير موسيقي تي ناچ ڪري رهيا هئا. ان دوران، کدڙي فقير کي تنگ ڪرڻ تي ٻنهي گروپن ۾ جهيڙو ٿيو.ان دوران، ٻنهي گروپن، جيڪي هٿياربند هئا، هڪ ٻئي تي فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ ٽي ماڻهو مارجي ويا ۽ اٺ زخمي ٿيا.پوليس جو چوڻ آهي ته فوت ٿيل ۽ زخمين کي ضلعي هيڊ ڪوارٽر اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جن مان ٽن جي حالت نازڪ آهي.










