بندوق وارا بيٽ جي پويان لڪندا ته بهادري تي شڪ ٿيندو،مينگل

بندوق وارا بيٽ جي پويان لڪندا ته بهادري تي شڪ ٿيندو،مينگل

لاڙڪاڻو(شاد محمد ڀٽو) سردار اختر مينگل چيو ته سنڌ بلوچن جي پناهه گاهه آهي ۽ سنڌ تي جڏهن ڏکيو وقت آيو ته بلوچستان سندن لاءِ ٻيو گهر رهيو آهي. هن شروع ۾ سنڌي ۾ تقرير ڪئي ۽ بعد ۾ اردو ۾ ڳالهايو. هن چيو ته ڳڙهي خدا بخش ۾ مدفون شهيدن کي ڪنهن شهيد ڪيو، هن ملڪ جي جنرلن ملڪ ٽوڙيو، ئين ٽوڙيو، اسانجي مائرن ڀينرن، ۽ ٻارن کي يتيم ڪيو، اهي جنرل انڊيا ۽ افغانستان مان ته ڪونه آيا هئا، هن ملڪ جي جرنيل هئا، جن 70 سالن کان حڪمراني ڪئي، پارٽيون ٽوڙيون، قبيلائي جهيڙا ڪرايا، هڪ قوم کي ٻئي قوم سان وڙهايو، بلوچستان ۾ 5 فوجي آپريشن ڪيا. اوهان جا ٻچا ۽ گهر ڀاتي ۽ ڊالر سڀ پرڏيهه موڪليا. اسين ڪڏهن هنن کي فرشتا، ڪڏهن ڊڪٽيٽر، ڪڏهن خلائي مخلوق جا نالا ڏيون ٿا، هنن کي خلائي مخلوق نه پر گهر کي باهه ڏيندڙن کي شيطاني مخلوق چئبو آهي. هن چيو ته سنڌ ۽ بلوچستان جو ڪو ڳوٺ اهڙو ناهي جتان ڪو ڪارڪن لاپته نه ٿيو هجي. هن چيو ته اسين پاڪستان کان ڌار نٿا ٿيڻ چاهيون پر عزتن سان ته نه کيڏو. جيڪڏهن اوهان نه مڙندا ته ذميوار به اوهين هوندا وردي وارا ۽ شيرواني وارا ذميوار هوندا. ان دوران بي بي جي شهادت جو وقت ٿي ويو ته اختر مينگل جي تقرير روڪي دعا ڪرائي وئي. مولوي محترمه جي مغفرت، زرداري، بلاول ۽ نواز شريف جي ڊگهي ڄمار لاءِ دعا گهري وئي. سردار اختر مينگل چيو ته ڪريما بلوچ جي ڀاءُ ۽ چاچي کي شهيد ڪيو ويو ۽ هن ڪئناڊا ۾ پناهه ورتي هن کي اُتي ماريو ويو ۽ چون ٿا ته هن خودڪشي ڪئي آهي پر اسانکي مشرف جو بيان ياد آهي جنهن چيو هو ته اسانجون ايجنسيون ڪنهن کي به ڪٿي به ماري سگهن ٿيون. هن چيو ته بندوق وارن کي بلي (بيٽ) جي پويان لڪڻ شروع ڪري ته سندس بهادري تي شڪ ٿيندو هي.

پهنجو تبصرو موڪليو