راولپنڊي(ويب ڊيسڪ)بلوچستان جي علائقي بليده ۾ سڪيورٽي فورسز ڳجهي اطلاع تي آپريشن ڪيو، جنهن دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 6 دهشتگرد مارجي ويا. انٽر سروسز پبلڪ رليشنز (آءِ ايس پي آر) موجب سڪيورٽي فورسز بليده ۾ دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي آپريشن ڪيو، جنهن دوران سڪيورٽي فورسز سان جوابي فائرنگ جي نتيجي ۾ 6 دهشتگرد مارجي ويا. آءِ ايس پي آر موجب مارجي ويل دهشتگرد ڪيچ ۾ تازي دهشتگردي جي ڪاررواين ۾ ملوث هئا. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته دهشتگردن جي ٺڪاڻن مان وڏي انگ ۾ هٿيار ۽ بارود هٿ ڪيو ويو آهي.










