ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي مختلف ضلعن ۾ برساتن ۽ ٻوڏ ۾ ست ماڻهو فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا.پي ڊي ايم اي بلوچستان ۾ برسات ۽ ٻوڏ سبب ٿيندڙ نقصان جي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي.رپورٽ موجب صوبي جي مختلف ضلعن ۾ برسات ۽ ٻوڏ سبب 7 ماڻهو فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا آهن.رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته هرنائي، ڪوهلو، تربت، جعفرآباد، لورالائي ۽ ڪڇي ۾ فوتگيون ۽ زخمين جا اطلاع مليا آهن.ان کان علاوه، بالا ندي ۾ بند ٽٽڻ سبب 100 گهر تباهه ٿي ويا ۽ 50 مال مري ويا، جڏهن ته بالا ندي ۾ 400 ايڪڙ زرعي زمين پڻ پاڻي هيٺ اچي وئي.ڊي جي پي ڊي ايم اي چيو ته هرنائي ۽ قلعه عبدالله ۾ لڳ ڀڳ 100 گهرن کي نقصان پهتو آهي، جڏهن ته جهل مگسي ۾ ٻوڏ سبب گنداواه-نٽال روڊ بند ٿي ويو آهي.










