بلوچستان آپريشن، 21 دهشتگرد مارجي ويا، 14 اهلڪار شهيد

بلوچستان آپريشن، 21 دهشتگرد مارجي ويا، 14 اهلڪار شهيد

راولپنڊي (پ ر) فوج جي تعلقات عامه واري شعبي پاران جاري ڪيل بيان ۾ بڌايو ويو آهي ته 25 ۽ 26 آگسٽ جي وچ واري رات دهشتگردن بلوچستان ۾ ڪيتريون ئي بزدلاڻيون ڪارروايون ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. دشمن ۽ دشمن قوتن جي حڪم تي، دهشتگردي جي انهن بزدلاڻين ڪاررواين جو مقصد بلوچستان جي پرامن ماحول ۽ ترقي کي خراب ڪرڻ هو، خاص ڪري موسيٰ خيل، قلات ۽ لسبيلا ضلعن ۾ بيگناهه شهرين کي نشانو بڻايو ويو. جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي بيگناهه شهري شهيد ٿي ويا. موسيٰ خيل ضلعي ۾ دهشتگردن عام علائقي راڙاه شم ۾ هڪ بس کي روڪيو ۽ بلوچستان ۾ روزي ڪمائڻ لاءِ ڪم ڪندڙ بيگناهه شهرين کي بيدردي سان نشانو بڻايو. سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن فوري طور تي جوابي ڪارروائي ڪندي دهشتگردن جي ناپاڪ ارادن کي ڪاميابيءَ سان ناڪام بڻائي ڇڏيو ۽ ڪليئرنس آپريشنز ذريعي 21 دهشتگردن کي ٺڪاڻي لڳايو ۽ سيڪورٽي فورسز مقامي ماڻهن جي تحفظ کي يقيني بڻايو. سيڪورٽي فورسز جي آپريشن دوران ڌرتي جي 14 بهادر پٽن جان جي قرباني ڏني، جن ۾ 10 فوجي جوان شامل آهن. قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي 4 اهلڪارن به بهادريءَ سان وڙهندي، بي لوث قربانيون ڏنيون ۽ شهادتون قبول ڪيون. فوجي ترجمان موجب ڪليئرنس آپريشن جاري آهن جيئن بيگناهه شهرين کي نشانو بڻائيندڙ اهڙن بزدلن ۽ بزدل ڪاررواين جي اشتعال انگيز، مرتڪب، سهولتڪار ۽ مدد ڪندڙن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو. پاڪستان جون سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا قوم سان گڏ قدم کڻي بلوچستان جي امن، استحڪام ۽ ترقي کي سبوتاز ڪرڻ جي ڪوشش کي ناڪام بڻائڻ لاءِ پرعزم آهن ۽ اسان جي بهادر سپاهين جون اهڙيون قربانيون اسان جي عزم کي وڌيڪ مضبوط ڪن ٿيون.

پهنجو تبصرو موڪليو