بلدياتي چونڊون روڪڻ جي ايم ڪيو ايم جي درخواست رد

بلدياتي چونڊون روڪڻ جي ايم ڪيو ايم جي درخواست رد

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ ايم ڪيو ايم پاڪستان جي مڪاني چونڊون روڪڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي.اليڪشن ڪميشن جو ڪورم پورو نه ٿيڻ بابت ڪيس ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ ايم ڪيو ايم پاڪستان جي مڪاني چونڊون روڪڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي.اليڪشن ڪميشن جي وڪيل عبدالله هنجرا پنهنجي دليلن ۾ چيو ته اليڪشن ڪميشن قانون موجب چونڊون ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو، ان فيصلي جي بنياد تي ايم ڪيو ايم پاڪستان به پهرين مرحلي ۾ حصو ورتو.عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته فيصلو اليڪشن ڪميشن جي ڪورم بابت داخل درخواست تي تفصيلي دليل ٻڌڻ کانپوءِ ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو