سکر (جيرام داس ) ڏينهن ڏٺي جو سکر شهر ۾ ظلم جي انتها ٿي وئي، جوابدار پيرسن خاڪروب عورت کان پگهار ڦري فرار ٿي ويا، بلديه عظميٰ ۾ خاڪروب طور ڪم ڪندڙ لڪشمي ٻائي کان موٽرسائيڪل سوار 36 هزار رپيا ڦري فرار ٿي ويا. واقعو ڪوئنس روڊ تي پيش آيو، ملازم عورت بينڪ مان پگهار کڻي گهروڃي رهي هئي ته پگهار ڦرجڻ بعد عورت بي حال ٿي وئي لڙڪ روڪي نه سگهي. متاثر عورت مطالبو ڪيو ته پگهار واپس ڏياري جوابدارن کي جلد گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي.










