بلاول ڀٽو ڀارت پهچي ويو،اجلاس ۾ شرڪت

بلاول ڀٽو ڀارت پهچي ويو،اجلاس ۾ شرڪت

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ ٻن ڏينهن جي دوري تي ڀارت روانو ٿي ويو.بلاول ڀٽو زرداري خاص جهاز ذريعي ڪراچي کان گوا روانو ٿي ويو.پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جو جهاز ڪراچي کان سڌو گوا انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي لينڊ ڪندو.ڪالهه اڱاري ڏينهن ڀارت وڃڻ کان اڳ بلاول ڀٽو زرداري مولانا فضل الرحمان، سراج الحق، خالد مقبول صديقي ۽ ٻين اڳواڻن سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو.ترجمان موجب بلاول ڀٽو ڀارت جي شهر گوا ۾ ايس سي او اجلاس ۾ شرڪت تي صلاح مشورا ڪيا ۽ کيس اعتماد ۾ ورتو.

پهنجو تبصرو موڪليو