بلاول جو ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو، متاثرن کي مدد جي خاطري

بلاول جو ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو، متاثرن کي مدد جي خاطري

لاڙڪاڻو(ن سنڌيار)چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول نئون ديرو ۾ قائم امدادي ڪيمپ جو دورو ڪيو. وفاقي پرڏيهي وزير ۽ سنڌ جي وڏي وزير ڪيمپ ۾ رهندڙ برسات متاثرن جا مسئلا ٻڌا متاثرين، خاص طور تي عورتن، انهن جي گهرن جي ڀڃڪڙي بابت ٻڌايو عورتن چيئرمين بلاول ڀٽو ۽ وزير اعليٰ سنڌ کان مطالبو ڪيو ته سندن گهر ٺاهيا وڃن،پيپلز پارٽي جي چيئرمين ۽ سنڌ جي وڏي وزير عورتن کي يقين ڏياريو ته سندن سمورا مسئلا حل ڪيا ويندا، بلاول ڀٽو زرداري متاثرن کي چيو ته توهان کي ڏک ۾ ڏسي توهان ملڻ آيو آهيان.

پهنجو تبصرو موڪليو