بلاول جي اپوزيشن اڳواڻن سان ملاقات، چونڊ سڌارن لاءِ تعاون تي اتفاق

بلاول جي اپوزيشن اڳواڻن سان ملاقات، چونڊ سڌارن لاءِ تعاون تي اتفاق

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) حڪمران اتحاد جي اهم ساٿي جماعت پيپلز پارٽي (PPP) ۽ مخالف ڌر جي جماعت پي ٽي آءِ (PTI) اربع ڏينهن پارليامينٽ ۾ قانونسازي جي معاملن تي رابطو برقرار رکڻ، سياسي معاملن ۽ چونڊ سڌارن لاءِ سهڪار ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي.

اهو اتفاق ان وقت ٿيو، جڏهن پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ محمود خان اچڪزئي ۽ سينيٽ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ علامه راجا ناصر عباس سان پارليامينٽ هائوس ۾ قومي اسيمبلي جي مخالف ڌر اڳواڻ جي چيمبر ۾ ملاقات ڪئي. پيپلز پارٽي ايڪس تي هڪ پوسٽ ۾ ان بابت ٻڌايو.

ملاقات ۾ پي ٽي آءِ جي سيڪريٽري جنرل سلمان اڪرم راجا، تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان (TTAP) جي سيڪريٽري جنرل اسد قيصر، وائيس چيئرمين مصطفيٰ نواز کوکر ۽ پي ٽي آءِ جو عامر ڊوگر پڻ موجود هئا.

پيپلز پارٽي جا اڳواڻ راجا پرويز اشرف، شيري رحمان، نويد قمر ۽ نديم افضل چن پڻ بلاول ڀٽو زرداري سان گڏ هئا.

ملاقات دوران پارلياماني معاملن ۽ ملڪ جي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. بيان موجب بلاول مخالف ڌر جي اڳواڻن کي پارلياماني ڪميٽين ۾ شامل ٿيڻ ۽ فعال ڪردار ادا ڪرڻ جي دعوت ڏني.

بيان ۾ چيو ويو ته مخالف ڌر جي اڳواڻن چيو ته هو پي ٽي آءِ جي چيئرمين سان مشاورت کان پوءِ فيصلو ڪندا.

پيپلز پارٽي ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻن پارليامينٽ ۾ قانونسازي بابت رابطا وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. بلاول مخالف ڌر جي اڳواڻن تي زور ڏنو ته هو چونڊ سڌارن جي حوالي سان پارليامينٽ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن، جيئن چونڊن ۾ شفافيت يقيني بڻائي سگهجي.

جيل ۾ قيد پي ٽي آءِ جي باني عمران خان کي اسپتال منتقل ڪرڻ ۽ سپريم ڪورٽ جي فيصلي کان پوءِ سندس علاج جي حوالي سان بلاول ڀٽو زرداري اڳڀرائي جي آجيان ڪئي ۽ چيو ته اها هڪ جمهوري روايت آهي.

بعد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ملاقات کي ”سٺي شروعات“ قرار ڏنو ۽ چيو ته سندس جماعت چاهي ٿي ته ايوان فعال هجي ۽ پارليامينٽ جا ميمبر عوام پاران کين ڏنل مينڊيٽ موجب پنهنجو ڪردار ادا ڪن.

هن چيو ته ”جيڪڏهن اسان چاهيون ٿا ته اسان جي پارليامينٽ فعال هجي ۽ ان جا ادارا يا عهديدار پنهنجو ڪم ڪن، ته پوءِ مخالف ڌر کي پارلياماني عمل جي بائيڪاٽ بابت پنهنجي فيصلي تي نظرثاني ڪرڻ گهرجي.“

پيپلز پارٽي جي چيئرمين چيو ته ”توهان مخالف ڌر جي بينچن تي ويٺا هجو يا حڪومتي بينچن تي، هر ڪو چونڊ عمل بابت شڪايت ڪري ٿو؛ تنهن ڪري پوءِ اها اسان جي ذميواري آهي ته اسان پنهنجي چونڊ عمل ۾ سڌارا آڻيون.“

بلاول چيو ته هن هڪ نقطي واري ايجنڊا تحت مخالف ڌر تي زور ڏنو ته هو پنهنجو ڪردار ادا ڪري، جيئن گڏيل اتفاق راءِ سان چونڊ عمل ۾ سڌارن لاءِ منصوبو تيار ڪري سگهجي.

هن چيو ته ”جڏهن ڪا جماعت چونڊون کٽي ٿي ته جشن ملهائي ٿي ۽ جڏهن ڪا جماعت چونڊون هارائي ٿي ته شڪايت ڪري ٿي؛ اسان اهو نٿا چاهيون.“

پيپلز پارٽي جي چيئرمين وڌيڪ چيو ته اڄ جي ملاقات کان پوءِ سندس جماعت ۽ مخالف ڌر وچ ۾ ”رابطي جو خال“ گهٽ ٿيو آهي ۽ ٻنهي ڌرين ڪيترن ئي معاملن تي ڳالهه ٻولهه شروع ڪري ڇڏي آهي، خاص طور تي اهڙن معاملن تي جن کي آساني سان حل ڪري سگهجي ٿو، جهڙوڪ چونڊ سڌارا.

28هين آئيني ترميم بابت ڇا چيو؟

28هين آئيني ترميم جي امڪان بابت سوال تي بلاول چيو ته ان معاملي تي پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) وچ ۾ ڪا ڳالهه ٻولهه نه ٿي آهي. نون صوبن جي قيام بابت پيپلز پارٽي جي چيئرمين چيو ته سندس جماعت عوام جي فيصلي سان گڏ بيهندي.

هن چيو ته ”پيپلز پارٽي عوام جي راءِ سان گڏ بيهندي، ۽ گڏيل سمجهه سان جيڪو به فيصلو ڪيو ويندو، جماعت ان جي حمايت ڪندي. اسان زبردستي ڪنهن به ڳالهه کي ڪڏهن به قبول نه ڪنداسين.“

آزاد ڪشمير چونڊن تي اختلاف

بلاول ڀٽو چيو ته ڪشير ۾ ايتري ڌانڌلي سان اڪثريت حاصل ڪرڻ آهي ته ڀلي نون ليگ حڪومت ٺاهي ان کي مبارڪ هجي. مريم نواز جي تنقيد بابت سوال تي ڳالهائڻ کان پرهيز ڪندي هن چيو ته عمران خان کي صحت جي سهولت ملڻ گهرجي، اها سٺي ڳالهه آهي.

گذريل ڪجهه هفتن دوران پيپلز پارٽي جي ڪيترن ئي اڳواڻن، جن ۾ پارٽي چيئرمين پڻ شامل آهي، حڪمران جماعت تي چونڊن ۾ ”ڌانڌلي“ ۽ چونڊ نتيجن ۾ هٿ چراند جا الزام لڳايا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو