بلاول جو مجدد اسران جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار

بلاول جو مجدد اسران جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پارٽي سان وابستگي اڳوڻي اسيمبلي ميمبر غلام مجدد اسران جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته غلام مجددي اسران جي لاڏاڻي سان پارٽي پنهنجي هڪ سگهاري اڳواڻ کان محروم ٿي وئي آهي سندس حلقي ۽ پارٽي جي عوام لاءِ مرحوم جون ڊگهيون خدمتون هميشه ياد رکيون وينديون دعا آهي ته الله تعاليٰ مرحوم کي پنهنجي جوار رحمت ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي پ پ چيئرمين مرحوم جي سوگوار خاندان سان دلي تعزيت جو اظهار ڪندي سندن لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو