اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان ۽ بنگلا ديش ۾ رٿيل ميچ برسات سبب رد ڪندي ٻنهي ٽيمن کي هڪ هڪ پوائنٽ ڏنو ويو. ٻئي ٽيمون چيمپئنز ٽرافي جي سيمي فائنل واري مرحلي کان اڳ ۾ ئي آئوٽ ٿي چڪيون آهن. هن گروپ مان ڀارت ۽ نيوزيلينڊ ٻه ٻه ميچ کٽي سيمي فائنل لاءِ ڪوليفا3 ڪري چڪيون آهن. جڏهن ته گذريل ڏينهن افغانستان انگلينڊ کي اهم ميچ ۾ شڪست ڏئي چيمپئنز ٽرافي مان آئوٽ ڪري ڇڏيو هو. ٻئي گروپ مان آسٽريليا ۽ ڏکڻ آفريڪا جا ٽي ٽي پوائنٽ آهن جڏهن ته افغانستان جا ٻه پوائنٽ آهي. جيڪڏهن افغانستان، آسٽريليا کي شڪست ڏني ته هو سيمي فائنل ۾ پهچي ويندو.










