بارش بعد ڦهليل چمڙي جي بيماري جي علاج لاءِ مفت ڪيمپ

بارش بعد ڦهليل چمڙي جي بيماري جي علاج لاءِ مفت ڪيمپ

ٺٽو (ڊ ر) دفاع امن ڪانونسل پاڪستان پاران مفت ميڊيڪل ڪيمپ بنيادي صحت مرڪز غلام الله ۾ لڳائي وئي جنھن ۾ آس پاس جي مريضن چيڪ اپ ڪرائي دوائون ورتون. ڪيمپ ۾ چمڙي ۽ ڏندن جي بيمارين جي ماھر ڊاڪٽرن جنھن ۾ ڏندن جي اسپيشلسٽ ڊاڪٽر شام ڪمار ـ چمڙي جي مرض جي ماھر ڊاڪٽر جمال جاکرو خاص طور تي شرڪت ڪئي جڏھن تـ فزيشن ڊاڪٽر منير جوکيو ۽ ليڊي فزيشن  ڊاڪٽر شاھين مرتضيٰ پڻ مريضن جو چيڪ اپ ڪيو.

Photo Sindhyar

تازيون برساتون پوڻ سبب ڳوٺن ۾ گندي پاڻي جي ڪري چمڙي جي  بيماري ۾ اضافو  ٿيڻ سبب چمڙي جي مريضن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪري پنھنجو علاج ڪرايو ڪيمپ ۾ لڳ ڀڳ 600 مريض جا چيڪ اپ ڪيا ويا ۽ مفت دوائون ڏنيون ويون ڪيمپ ۾  دفاع امن ڪائونسل  پاڪستان سنڌ جو صدر حنيف ميمڻ، جاويد لطيف ميمڻ ۽ محمد علي خٽڪ، ميڊم شهناز بلوچ ۽ نامياري سماجي اڳواڻ رياض شاھ جيلاني ـ واحد ميرجت سميت يونين ڪائونسل غلام الله جي اڳوڻي چيئرمن طفيل ميمڻ پڻ شرڪت ڪئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو