دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي سپريم ڪورٽ تاريخي بابري مسجد ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي تڪراري زمين مندر جي تعمير لاءِ هندن کي ڏيڻ ۽ مسلمانن کي مسجد تعمير ڪرڻ لاءِ متبادل طور تي الڳ زمين فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس فيصلو ٻڌائيندي حڪم ڏنو ته ايوڌيا ۾ تڪراري زمين تي مندر قائم ڪيو ويندو جڏهن ته مسلمانن کي ايوڌيا ۾ ئي مسجد جي تعمير لاءِ 5 ايڪڙ زمين ڏني ويندي. ڄاڻايل فيصلو ڀارتي چيف جسٽس رنجن گوگوئي جي سربراهي ۾ 5 رڪني بئنچ ٻڌايو جنهن ۾ هڪ مسلمان جج به شامل هيو. عدالت عظميٰ جي فيصلي تحت ايوڌيا ۾ بابري مسجد جي زمين رام جنم ڀومي نئياز کي ڏني ويندي ۽ مرڪزي حڪومت کي 3 مهينن ۾ ايوڌيا ايڪٽ 1993 تحت بورڊ آف ٽرسٽيز ٺاهڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.










