بابري مسجد جي زمين هندن حوالي، مندر اڏڻ جو حڪم

دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي سپريم ڪورٽ تاريخي بابري مسجد ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي تڪراري   زمين مندر جي تعمير لاءِ هندن کي ڏيڻ ۽ مسلمانن کي مسجد تعمير ڪرڻ لاءِ متبادل طور تي الڳ زمين فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس فيصلو ٻڌائيندي حڪم ڏنو ته ايوڌيا ۾ تڪراري زمين تي مندر قائم ڪيو ويندو جڏهن ته مسلمانن کي ايوڌيا ۾ ئي مسجد جي تعمير لاءِ 5 ايڪڙ زمين ڏني ويندي. ڄاڻايل فيصلو ڀارتي چيف جسٽس رنجن گوگوئي جي سربراهي ۾ 5 رڪني بئنچ ٻڌايو جنهن ۾ هڪ مسلمان جج به شامل هيو. عدالت عظميٰ جي فيصلي تحت ايوڌيا ۾ بابري مسجد جي زمين رام جنم ڀومي نئياز کي ڏني ويندي ۽ مرڪزي حڪومت کي 3 مهينن ۾ ايوڌيا ايڪٽ 1993 تحت بورڊ آف ٽرسٽيز ٺاهڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو