بئريسٽر فهد ملڪ قتل ڪيس ۾ جوابدارن کي جنم ٽيپ جي سزا

بئريسٽر فهد ملڪ قتل ڪيس ۾ جوابدارن کي جنم ٽيپ جي سزا

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد جي عدالت بئريسٽر فهد ملڪ قتل ڪيس جي ٽنهي جوابدارن کي جنم ٽيپ جي سزا ٻڌائي ڇڏي. اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ جج عطا رباني بئريسٽر فهد ملڪ قتل ڪيس جي ٻڌڻي دوران جوابدارن کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو ۽ سندن حاضري لڳائي واپس اماڻيو ويو. ان کانپوءِ عدالت بئريسٽر ملڪ قتل ڪيس جو محفوظ فيصلو ٻڌائيندي ڪيس ۾ نامزد ٽنهي جوابدارن راجا ارشد، نعمان کوکر ۽ هاشم کي جنم ٽيپ جي سزا ٻڌائي. واضح رهي ته 2016 ۾ 14 ۽ 15 آگسٽ جي وچ واري رات بئريسٽر فهد ملڪ کي اسلام آباد ۾ قتل ڪيو ويو هو جنهن کانپوءِ 4 اکين ڏٺن شاهدن ڪيس ۾ نامزد ٽنهي جوابدارن خلاف بيان ڏنو هيو. ڪيس جي فارنزڪ رپورٽ ۾ قتل ۾ استعمال ٿيل ڪلاشنڪوف ۽ واقعي واري هنڌ تان مليل گولين جا خول به ميچ ڪيا ويا هئا، جڏهن ته ڪيس جي مرڪزي جوابدار راجا ارشد کي ملڪ مان فرار ٿيڻ جي ڪوشش ۾ طورخم بارڊر کان گرفتار ڪيو ويو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو