اڳڪٿيون هوا ۾، هاڻي ڪراچي ۾ برسات ڪڏهن پوندي؟

اڳڪٿيون هوا ۾، هاڻي ڪراچي ۾ برسات ڪڏهن پوندي؟

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ برسات جي اڳڪٿي، اڳڪٿي ۽ وارننگ برقرار، شهر ۾ اڃا بادل نه گريا آهن، هاڻي موسميات کاتي ڪراچي ۾ اڄ شام يا رات کان برسات جي اڳڪٿي ڪئي آهي.ڪراچي جي چيف ميٽولوجسٽ سردار سرفراز احمد چيو آهي ته مون سون جو نظام اوڀر سنڌ، راجسٿان ۽ عربي سمنڊ ۾ موجود آهي، جنهن سبب اڄ شام تائين هوائون ۽ برسات پئجي سگهي ٿي.سردار سرفراز وڌيڪ چيو ته برساتن جو پهريون سسٽم 5 جولاءِ تائين سنڌ تي اثر انداز ٿيندو، جنهن جي پويان ٻيو سسٽم آهي جڏهن ته ٻيو اسپيل پهريون سسٽم ختم ٿيڻ کان 18 ڪلاڪن کانپوءِ لاڳو ٿي سگهي ٿو.هن وڌيڪ چيو ته اسلام آباد، پنجاب، اپر خيبرپختونخواهه ۽ ڪشمير ۾ به ڪڪر ڇانيل آهن.موسميات کاتي موجب قائداعظم شهر ۾ گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 29.5 ڊگري سينٽي گريڊ جڏهن ته وڌ ۾ وڌ گرمي پد 32 کان 34 ڊگري سينٽي گريڊ رهڻ جو امڪان آهي، ڪراچي ۾ هن وقت هوا ۾ نمي جو تناسب 75 سيڪڙو آهي.ٻئي طرف شهري انتظاميا هن وقت تائين ڪراچي ۾ نالن جي صفائي نه ڪرائي سگهي آهي ۽ نه ئي اهم شاهراهن ۽ عمارتن تي لڳل بل بورڊ ۽ هورڊنگز نه هٽايا ويا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو