سنڌ کي 10 هزار ۽ پنجاب کي16300 ڪيوسڪس واڌو پاڻي جاري

سنڌ کي 10 هزار ۽ پنجاب کي16300 ڪيوسڪس واڌو پاڻي جاري

اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر)تازين برساتن سبب دريائن ۾ پاڻي جا وهڪرا روزانو وڌڻ لڳا آهن. 18 اپريل تي ارسا پاران پاڻي بابت جاري ڪيل ڊيٽا موجب تربيلا، منگلا ۽ چشما ۾ 54289 ڪيوسڪس پاڻي جمع ڪيو ويو. وهڪرن ۾ بهتري اچڻ بعد سنڌ جي حصي ۾ 10 هزار ڪيوسڪس ۽ پنجاب جي حصي ۾ 16300 ڪيوسڪ جي واڌ ڄاڻائي وئي آهي. گذريل ڏينهن سنڌ جي کڻت 36 هزار ڪيوسڪس هئي جيڪا اڄ 45 هزار ڪيوسڪس ڪئي وئي آهي.  پنجاب جي ڪل کڻت 48500 ڪيوسڪس هئي جيڪا اڄ وڌائي 64800 ڪيوسڪس ڪئي وئي آهي. ارسا جي ويبب سائيٽ تي شام 6 وڳي تائين سنڌ ۽ پنجاب جي کڻت ترتيبوار 35 هزار ۽ 48500 ڪيوسڪس ڄاڻايل هئي پر ان کي بعد ۾ اپڊيٽ ڪري مٿي ڄاڻايل واڌونئين ڊيٽا شامل ڪئي وئي. ارسا ۾ سنڌ جي ميمبر محمد احسان الحق لغاري جيڪو ميٽنگ جي سلسلي ۾ ڪراچي ۾ موجود هو، تنهن فون تي سنڌيار کي ٻڌايو ته سنڌ جي گهرج هن وقت 50 هزار ڪيوسڪس آهي پر اڄ کان سنڌ جي حصي ۾ 10 هزار ڪيوسڪس واڌ ڪرائي وئي آهي ۽ گذريل ڏينهن جي 35 هزار ڪيوسڪس مان وڌائي اڄ 45000 هزار ڪيوسڪس رليز ڪرايو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن ٻڌايو ته تونسا ڊائون اسٽريم مان وڌايل پاڻي 10 ڏينهن بعد سکر بئراج ۽ 13 ڏينهن بعد ڪوٽڙي بئراج تي پهچندو. 18 اپريل تي پنجاب ڪالاباغ يا جناح بيراج جي کاٻي پاسي نڪرندڙ ٿل عرف گريٽر ٿل ڪينال ۾ کڻت 2000 مان وڌائي 3 هزار ڪيوسڪس ڪئي وئي آهي. جيڪا سڀاڻي اڃا وڌائي ويندي. ساڍا 8 هزار ڪيوسڪس جي گنجائش واري ٿل ڪينال جي پنهنجي ڊيگهه ته 35 ڪلوميٽر آهي پر ان مان نڪرندڙ واهن جي ڊيگهه 344 ڪلوميٽر آهي. ٿل ڪينال جي ڪمانڊ ايريا يعنيآباد ٿيندڙ ايراضي17 لک 39 هزار ايڪڙ آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته پنجاب ارسا تي ڪيترن ڏينهن کان دٻاءُ وجهي رهيو آهي ته چشما جهلم لنڪ ڪينال کولڻ ڏيو پر ارسا اڃا کين اجازت ناهي ڏني. ’رم اسٽيشن انفلوز‘ يعني آبپاشي جي ٻولي ۾ انڊس بيسن، جنهن ۾ تربيلا، منگلا، مرالا، نوشهره، بلوڪي ۽ سليمانڪي وٽ پهچندڙ ڪل پاڻي جي ماپ کي رم اسٽيشن جي ماپ چون ٿا. ان ۾ انڊس، جهلم، چناب، ڪابل، راوي ۽ ستلج درياءَ اچي وڃن ٿا. 18 اپريل تي رم اسٽيشن انفلوز 145871 ۽ آئوٽ فلوز 98152 ڪيوسڪس ڄاڻايل آهي.

Source IRSA

پهنجو تبصرو موڪليو