اڄ خان سان ملاقات نه ڪرائي وئي ته ڌرڻو هڻنبو، عليمه خان

اڄ خان سان ملاقات نه ڪرائي وئي ته ڌرڻو هڻنبو، عليمه خان

لاهور(ويب ڊيسڪ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني عمران خان جي ڀيڻ عليمه خان چيو آهي ته عمران خان کي گهڻو اڳ ملڪ ڇڏڻ يا ٻه سالن لاءِ خاموش رهڻ جي آڇ ڪئي وئي هئي. لاهور جي احتساب عدالت جي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي عليمه خان چيو ته ٽي هفتا ٿي ويا آهن، اسان کي عمران خان سان ملڻ نه ڏنو پيو وڃي، توهان هن کي بند ڪري ڪهڙي شيءَ جو انتظار ڪري رهيا آهيو؟ هن چيو ته جيڪڏهن اڄ به باني تحريڪ انصاف سان ملاقات نه ڪرائي وئي ته اسان اتي ڌرڻو هڻنداسين. عليمه خان جو چوڻ هو ته آمريڪي وفد پنهنجي مرضي سان پاڪستان اچي رهيو آهي، اسان کي ان بابت ڪجهه به ڄاڻ ناهي، اسان ته صرف اها ڳالهه ڪريون ٿا جيڪا باني پي ٽي آءِ اسان کي ٻڌائين ٿا. هن اهو به چيو ته باني عمران خان اسان کي چيو هو ته هو ڪنهن به دٻاءَ هيٺ نه ايندو ۽ نه ئي پوئتي هٽندو.

پهنجو تبصرو موڪليو