اٽڪ اسڪول وين تي حملو 2 ٻارڙا فوت ، ڊرائيور سميت زخمي

اٽڪ اسڪول وين تي حملو 2 ٻارڙا فوت ، ڊرائيور سميت زخمي

اٽڪ (ويب ڊيسڪ)ڌيري ڪوٽ ۾ اسڪول وين تي اڻڄاتل هٿياربندن جي فائرنگ جي نتيجي ۾ 2 ٻارڙا مارجي ويا ۽ 5 زخمي ٿي پيا آهن. پنجاب ريسڪيو 1122 پاران جاري بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته حادثي ۾ اسڪول وين جو ڊرائيور ڇهون زخمي آهي. زخمين ۽ لاشن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. موقعي تان اڻڄاتل هٿياربند فرار ٿي ويا آهن، ريسڪيو 1122 جي اطلاع تي اٽڪ پوليس واقعي واري هنڌ پهتي. سڀني ٻارن جي عمر 10 کان 12 سالن جي وچ ۾ هئي. ريجنل پوليس آفيسر (آر پي او) بابر سرفراز الپا جو چوڻ آهي ته واقعو ”ذاتي دشمني“ سبب پيش آيو. آر پي او چيو ته فائرنگ جو مقصد ڊرائيور کي نشانو بڻائڻ هو پر ان سان ٻارن کي به نقصان ٿيو. هن وڌيڪ چيو ته جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، سندن گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن. آر پي او سرفراز اميد ظاهر ڪئي ته جوابدارن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو. هن وقت تائين ڪنهن به حملي جي ذميواري قبول نه ڪئي آهي.ٻئي پاسي صدر آصف علي زرداري، پي پي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ گهرو وزير محسن نقوي ڌار ڌار جاري ڪيل بيانن ۾ متاثره ٻارن جي والدين سان دلي ڏپک جو اظهار ڪندي جوابدار کي گرفتار ڪري سزا ڏيڻ جو حڪم جاري ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو