منيلا(ويب ڊيسڪ)ايشيائي ترقياتي بئنڪ (ADB) خميس ڏينهن چيو آهي ته پاڪستان جو معاشي صورتحال غير يقيني آهي، جنهن سبب معيشت ۾ خاص واڌ ٿيندي نظر نٿي اچي ۽ ان جي مختلف منفي پاسن سبب تمام وڏا خطرا آهن، جنهن ۾ سياسي غير يقيني واري صورتحال عدم استحڪام ۽ سڌارن لاءِ خطرو آهي. اپريل 2024 ۾ ‘ايشين ڊولپمينٽ Outlook’، منيلا بيس واري هن عالمي مالياتي اداري جو چوڻ آهي ته ڊمانڊ ۽ سپلاءِ ۾ رڪاوٽن ۽ مڊل ايسٽ جي صورتحال سبب پاڪستان جي معيشت تي وڏا ناڪاري اثر پوندا. پاڪستان تي قرضن جي وڏي رقم جي ادائگي ۽ پيداواري ڪمزور صورتحال سبب آمدن جي کوٽ رهندي. آءِ ايم ايف سان وچولي مدي واري معاهدي ۽ سخت سچارن سبب مارڪيٽ ۾ بهتري ته اچي سگهي ٿي پر ان لاءِ سخت سڌارن تي عمل درآمد ضروري آهي. پاڪستان جي وڏين بيروني فنانسنگ ضرورتن ۽ ڪمزور بيروني بفرز سان گڏ، گھڻ طرفي ۽ ٻطرفي ڀائيوارن کان ورهاست انتهائي اهم آهي، ان ۾ شامل ڪيو ويو آهي ته انهن آمدن کي پاليسي تي عملدرآمد ۾ خامين جي ڪري رڪاوٽ ٿي سگهي ٿي.










