اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) حڪومت ايندڙ بجيٽ ۾ مختلف شعبن کي مليل ٽيڪس ڇوٽ ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب گريڊ هڪ کان 16 جي ملازمن لاءِ پگهار ۾ 25 سيڪڙو، گريڊ 17 کان 22 تائين جي ملازمن جي پگهار ۾ 20 سيڪڙو واڌ جو اعلان ڪيو آهي. هن پپينشنرز جي پينشن ۾ 15 سيڪڙو واڌ جو اعلان ڪيو. هن چيو ته انڪم ٽيڪس جي 6 لک واري سالياني آمدن تي ٽيڪس ڇوٽ برقرار رهندي. گهٽ ۾ گهٽ پگهار جي حد 32 هزار مان وڌائي 37 هزار ڪئي وئي آهي. هن چيو ته پگهاردار طبقي تي وڌيڪ ٻوجهه نه وڌو ويندو پر جيڪو وڌيڪ ڪمائيندو اهو وڌيڪ ٽيڪس ڏيندو، انڪم ٽيڪس جي وڌ ۾ وڌ شرح 45 سيڪڙو هوندي، جيڪا غير پگهاردار طبقي جي انڪم تي لڳندي. اليڪٽرڪ بائيڪس لاءِ 4 ارب ۽ انرجي سيونگ پکن لاءِ 2 ارب رکڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. پرڏيه مان ايندڙ ناڻي جي رقم وڌائڻ لاءِ 86.9 ارب رکڻ جو اعلان ڪيو ويو، جيڪو وڌيڪ پرڏيهي ناڻو موڪليندو ان کي محسن پاڪستان ايوارڊ ملندو، آءِ ٽي جي شعبي لاءِ 79 ارب روپيا بجيٽ رکن جو اعلان ڪيو ويو. هن چيو ته جن شعبن کي ٽيڪس جي رعايت يا ڇوٽ حاصل هئي اها ختم ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته ڪيپيٽل گين ٽيڪس جي شرح فائلر لاءِ 15 سيڪڙو ۽ نان فائيلر لاءِ 45 سيڪڙو هوندي. ڪاغذ ۽ اسٽيل تي ٽيڪس جي رعايت به ختم ڪئي پئي وڃي. مقرر وقت کان 2 ڪلاڪ دير سان شروع ٿيل قومي اسمبلي جي اجلاس ۾ ناني وارو وزير وفاقي بجيٽ پيش ڪري رهيو آهي. ايوان م پي ٽي اءِ جي ميمبرن جو احتجاج به جاري آهي، اپوزيشن وارا گو شهباز گو جا نعرا هڻندي هل هنگامو ڪري رهيا آهن. اسحاق ڊار بلاول ڀٽو کي احتجاج نه ڪرن جي درخواست ڪئي ۽ کين بجيٽ سيشن ۾ اپوزيشن جو ساٿ نه ڏين جي درخواست ڪئي. اڳ ۾ پي پي وارن بجيٽ بابت اعتماد ۾ نه وٺڻ تي بجيٽ اجلاس جو بائيڪاٽ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو. بلاول جي چيمبر ۾ ملاقات بعد پي پي وارن اجلاس ۾ شرڪت ته ڪئي پر بلاول گهر هليو ويو. صحافين پڇس ته اجلاس ۾ شرڪت ڪريو ٿا ته هن چيو ته مان ته گهر پيو وڃان. ناڻي واري وزير ملڪ کي درپيش مشڪل حالتن جو ذڪر ڪندي چيو ته مهانگائي عوام جو جيئڻ جنجال ڪيو هو، اها هاڻي گهٽ ٿي رهي آهي. آءِ ايم ايف سان 9 مهينن جي شهباز شريف جي معاهدي سبب مئي ۾ مهانگائي 12 سيڪڙو ٿي آهي، جيڪا ايندڙ وقت ۾ گهٽتائي ٿيندي. هن چيو ته ڪاروبار ڪرڻ حڪومت جو ڪم ناهي، اسين پي آءِ اي، روزويلٽ هوٽل ، هائوس فنانس ۽ ٻين ادارن کي نجي شعبي جي حوالي ڪنداسين، ايئرپورٽ آئوٽ سورس ڪنداسين، سرڪاري خريداريون پريڪيورمينٽ ڊجيٽلائيز ڪنداسين، آءِ ٽي سيڪٽر کي اوليت ملندي ۽ سندن بجيٽ ڊبل ڪئي آهي، هن سال آءِ ٽي ايڪسپورٽ ساڍا ٽي ارب ڊالر ٿيندي. هن چيو ته بينظير انڪم سپورٽ جي بجيٽ ۾ 27 سيڪڙو واڌ ڪئي آهي جيئن غريبن کي ڪيش ملي سگهي.










