اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت پيٽروليم شين جي نئين قيمتن جو اعلان ڪري ڇڏيو.ناڻي واري وزير اسحاق ڊار ايندڙ 15 ڏينهن لاءِ پيٽروليم شين جي قيمتن جو اعلان ڪري ڇڏيو. ناڻي واري وزير چيو ته پيٽرول ۽ ڊيزل جا موجوده اگهه ايندڙ 15 ڏينهن تائين ساڳيا ئي رهندا.اسحاق ڊار چيو ته عالمي مارڪيٽ ۾ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ اضافو ٿيو آهي پر ان باوجود پيٽرول ۽ ڊيزل جون قيمتون برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.هن چيو ته پهرين کان 15 جنوري تائين پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ ڪا تبديلي نه ٿيندي، پيٽرول جي قيمت 214.80 رپيا في ليٽر جڏهن ته ڊيزل جي قيمت 227.80 رپيا في ليٽر برقرار رهندي

اسحاق ڊار چيو ته آئل اينڊ گيس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) گاسليٽ جي قيمت ۾ 8 رپيا 76 پئسا في ليٽر واڌ جي تجويز ڏني هئي پر گاسليٽ جي قيمت 171 رپيا 83 پيسا في ليٽر برقرار رهندي.ان کان علاوه لائيٽ ڊيزل آئل جي قيمت 169 رپيا في ليٽر برقرار رهندي.










