ايماندار پريشان ڇو، لٽيرا خوش

ايماندار پريشان ڇو، لٽيرا خوش

تحرير زوار حسين شاهه

 پاڪستان ۾ جيڪو ٿي رهيو آهي اهو اسان جي اڳيان آهي ، پاڪستان سان محبت ڪندر پريشان پاڪستان خلاف نازيبان زبان استعمال ڪندڙن کي آئيني تحفظ به مهيا ڪيو پيو وڃي ، ٿيڻ ته اهو گهرجي ته سڀ کان پهريان پاڪستان ، پوء سڀ شيون جيڪڏهن اڃان به اسان صرف اهو سويچيندا رهنداسين ته هي منهنجو ڪم ناهي ته پوء مان عرض ڪندس ته پاڪستان کي ٽٽندي ڏسي رهيو اهيان ، سوال اهو پيدا ٿي رهيو اهي ته ٽوڙيندا ڪير جواب مان ڏيندس ته اهي جيڪي پاڪستان جا خيرخواه ناهين، پاڪستان جو عوام جنهن ڪڏهن به سک جو ساهه ناهي کنيو ڪڏهن بل جي ڪري عام ماڻهون موت کي ڀاڪر پائي رهيا آهن ته ڪڏهين بدحالي بک سبب عام ماڻهون پنهنجا ٻچڙا بازارن ۾ کڻي وڪري يا هوڪا ڏيئي رهيو آهي ، يا اڃان به ائين لکان ته غلط نه هوندو ، مثال جيڪڏهن هڪ عام ماڻهون سڄو ڏينهن مزدوري ڪري ٿو ڪڏهن لڳي ٿي ڪڏهن نه ٿي لڳي ، جڏهن ته  شادي بعد ان کي خير سان صرف 7 ٻار هجن هو انهن جي تعليم صحت جون سهولتون ڪيئن مهيا ڪندو جيڪڏهن بيمار ٿين ته انهن کي دوا ڪير وٺي ڏيندو ، سرڪاري اسپتالن جي اسان کي مڪمل ڄاڻ آهي ته خاص اسپتالن اندر غريب کي ته هڪ ٽڪي به نه ٿي ملي  بس الله سائين جي آسري تي پيا جيئن . بجلي بل ڪٿان ڀريندو يا ان سان گڏ ڪيترائي اخراجات آهن جيڪي هو پورا نه ٿو ڪري سگهي اهو ئي سبب اهي جو پاڪستان اندر هاڻ  اهرا به واقعه پيش آيا آهن  پنهنجا بڄرا ماري زهر ڏيئي ان پاڻ به انت آڻي ڇڏيو آهي ، برحال مان عرض ڪندس ته رياست پاڪستان م جيڪا عوام جي خدمت جي دعوا ڪيون پيا  اهو نسورو ڪوڙ ٺڳي آهي ، الله سائين هن پاڪستان تي رحم ڪري باقي جهڙي پاڪستان جي سياستدانن پاڪستان سان پاڪستان جي عوام سان ڪئي اها ڪنهن کان به لڪيل ناهي ، ان ڪري مان عرض ڪيان ته جيڪڏهن ڪو ايمانداري سان پنهنجا فرض ادا ڪري ته ان مٿان به ڪوڙا ڪيس داخل ڪري ان کي جهڪائڻ جي ڪوشش ڪرائڻ لاء هر ممڪن ڪوشش ڪئي وڃي ٿي ، پاڪستاني قوم قابل احترام سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي قابل احترام  گلزار خان  جنهن  سندائين آئين جي پاسداري خاطر  پاڪستان جي مفاد کي مدي نظر رکندي  تاريخي فيصله بڌايا اهن اها هڪ تاريخ آهي ، جڏهن ته ٻيا جج صاحبان به قابل احترام آهن پاڪستان اندر ڪجهه وقت ته اهڙو به هو جو پنهنجا واٺا ڀرتي ڪري ادارن کي يرغمال بنايو ويو هو جنهن ڪري پاڪستان جا اڪثر اداره  سياستدانن جي تابعداري ڪرڻ م پورا هيا جنهن خلاف به عوام سماجي رهنمائن ڪافي محنت ڪري احتجاج ڪيا پر پوء به ڪو خاص کڙ تيل ناهي نڪري سگهيو ،  هن وقت به خاص طور ايماندار خواه ڪهڙي به اداري سان تعلق رکي پيو اهو وڏي امتحان مان گذري رهيو آهي ، سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس قاضي فائز عيسيٰ  صاحب چيو آهي ته اسان نه آئين مان سکيو آهي ۽ نه ئي وري ان جو ترجمو پڙهيو آهي، ماڻهن جي هوس آئين کي ٺڪرايو ۽ آئين جي محافظن ئي آئين جي تحفظ جو قسم  ٽوڙيو، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي بار جي اهتمام هيٺ ڪانفرنس کي خطاب ڪندي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته آئين پڙهڻ تمام ضروري آهي ڇو ته پڙهڻ سان ئي خبر پوندي ته پاڪستان وجود ۾ ڇو آيو هو، هن چيو ته اسان وٽ هن وقت اڌ پاڪستان آهي مسلمان آبادي جي حساب سان پهرين نمبر تي انڊونيشا، ٻي نمبر ڀارت ۽ ٽئي نمبر تي پاڪستان آهي، هن چيو ته ماڻهن جي هوس آئين کي ٺڪرايو ۽ آئين جي محافظن ئي آئين جي تحفظ جي قسم کي ٽوڙيو، اسان جيڪڏهن آئين ٽوڙينداسين ته اهو غداري ۾ ذمري ۾ ايندو آئين سان غداري ڪري نه رڳو هتي پر اڳلي جهان ۾ به سزا ملندي، هن چيو ته آئين کي هٽائي ڇڏيون ته وفاق به ٽٽي پوندو ۽ پاڪستانيت به ختم ٿي ويندي، پاڪستان جي آئين جو تحفظ ڪرڻ هر شهري جو فرض آهي، آئين ۾ چيو ويو آهي ته اقليتن کي زنده رهڻ جو پورو حق آهي. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته قرآن مجيد ۾ آزاد انسان کي غلام بڻائڻ جي اجازت ناهي ڏنل، اسلام ۾ زوري پورهئي جي به اجازت نه آهي، هن چيو ته پاڪستان جو آئين ۽ اسلام بلڪل گڏ گڏ هلي رهيا آهن، گهر جي رازداري جي حوالي سان به ڪيتريون ئي آيتون ۽ حديثون آهن، بدگماني کان به بچڻ گهرجي ۽ هڪ ٻئي کان حسد ۽ بغض نه ڪرڻ گهرجي، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته پاڪستان جي آئين کي 50 سال ٿيڻ تي آهن، قائداعظم چيو هو ته پاڪستان جو آئين جمهوري هوندو ۽ اسلامي قانونن تي ٻڌل هوندو، هن چيو ته پاڪستان جو آئين هر شهري کي تحفظ ڏي ٿو، چاهي اهو ڪهڙي به مذهب سان تعلق رکندو هجي. هن چيو ته سکندو اهو آهي جيڪو پاڻ کي شاگرد تصور ڪري، اسان نه پاڪستان جي آئين مان سکيو آهي ۽ نه وري ان جو ترجمو پڙهيو آهي، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته مون کي نٿو لڳي ته ڪنهن اسڪول ۾ پاڪستان جو آئين پڙهايو ويندو آهي، آمريڪا جي اسڪولن ۾ آئين شروع کان پڙهايو وڃي ٿو ته جيئن ٻار آئين کان آگاهه ٿي سگهن ، مان عرض ڪندس ته ان ۾ ڪو سڪ انهي ته ايماندار ڪٿي به هجي ڪهڙي اداري سان به تعلق رکي هو خدا پاڪ کي حاضر سمجهندي پاڪستان جي آئين قانون جو تحفط ڪندي پنهنجو فرض ادا ڪند رهندا ، هن وقت جيڪڏهن مان انهن سياستدانن جي ڳالهه ڪيان جن پاڪستان کي ٻنهي هٿن سان لٽيو اهي انهن جي پڪڙ هر حال م يقيني بڻائي وڃي . انهن کان لتيل دولت واپس ڪرائي وڃي ، ملڪ اندر رياست پاڪستان جا تمام ادارن انهن جا سربرهان عوام يج خدمت کي يقيني بنائين ، اسان پاڪستاني شهري آهيون پاڪستان جي آئين جو تحفظ ڪيون جيڪڏهن  اسان به آئين جو تحفط نه ڪري سگهيا سين ته پوء هي مان پاڪستان ٽٽندي ڏسي رهيو آهيان ، ظاهرن هن وقت پاڪستان جا سياستدان جن کي نيب ، ايف آئي جي ڳالهه ڪيان ته لاجواب بهترين ڪارڪردگي ڏيکاري آهي ، پر انهن مٿان به ڪرا الزام اسان انهن کي رد ڪيون ٿا اسان چاهيون ٿا ته آئين کي مدي نظر رکندي هر هڪ پنهنجو فرض ادا ڪري ،  پوء ڀلي ڪو آفيسر هجي يا ڪو استاد هجي ، قلم ڪار هجي يا سماجي رهنما هجي ، سياستدان هجي يا ڪنهن مذهبي تنظيم سان تعلق هجي ، پاڪستان اندر ٻه نمبر سياستدان ڪروڙين رويپا خرچ ڪري پاڪستان مٿان  جعلي حڪومت قائم ڪن ٿا ، سياستدانن جو ڪم پاڪستان جي عوام جي خدمت ڪرڻ آهي ، پاڪستان جي خلاف واويله ڪندڙن کي سوگهو ڪرڻ آهي پاڪستان جي عوام جي بنيادي حقن جو دفاغ ڪرڻ پڻ لازمي آهي ، هن وقت جيڪڏهن مان سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي قابل احترام تاريخي فيصله ٻڌائيندر جسٽس قاي فائز عيسا صاحب کي به جهڪائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي وئي پر مونکي يقين آهي ته قابل احترام پاڪستان جي آئين جا پاسدار اڃان زنده آهن ، تمام ثبوتن ، گواهان ، ملڪ جي بقا سلامتي  پاڪستان جي مفاد کي ڏسندي تاريخي فيصلو ڏيندا ، پر ڪڙو سچ اهو به اهي ته جنهن رياست م رهون ٿا عوام جي بار بار تذليل ٿي رهي آهي ، آخر عوام کي سک ڪير ڏيندو ، عوام سان انصاف ڪير ڪندو ، بکايل عوام جو پيٽ ڪير ڀريندو ، صحت جون سهولتون ڪير مهيا ڪندو ، تعليم ڪير ڏيندو ، اسان ته هن وقت تائين ڪرونا وائرس کان  پاڻ بچائي ناهيون رکي سگهيا ، جمهوريت جمهوريت جو بار بار عزل پڙهي عوام کي ته بيوقوف بنائي بار بار قيمتي ووٽ حاصل ڪيا آهن پر عوام ۾ ڪڏهين شعور ايندو ، جيڪڏهن جسٽس قاضي فائز عيسا صاحب جهڙا ايماندار ، هڪ قلم ڪار مٿال ،  شوڪت علي نوناري ، گمبٽ جي  حاڪم ڀٽي  سنڌو ، راڻيپور جي فقير محبت عباسي ، منظور انصاري ، اسد وسان ، ديدار عباسي ، علي امداد جنيد ميمن وجود ڀيلار سهيل ميمن نجيب جوڻو  ڪراچي پريس ڪلب جي ميمبر راحب ڳاهو ، انور علي ناريجو جهڙا بهادر قلم ڪار پنهنجي جان جوکي ۾ وجهي عوام جي لاء ڪم ڪندڙ پهنجي جان  هٿن تي رکي سڄي خبر شايع ڪرڻ هر هڪ جي وس جي ڳالهه ناهي اچو ته پاڪستان جي ترقي تعمير ۾  پنهنجو پاڻ ملهايون ، اچو ته  سنڌ جي وسيلن تي قبصا مافيه خلاف يڪجا ٿي پنهنجو ڪردار ادا ڪيون ، برحال في الحال مان لٽيرن کي خوش ، ايماندارن سچ گو انسان پرستن کي پريسان ڏسي رهيو آهيان ، ڪرپشن مافيه ، قبضا مافيه چمچا خور بي حد خوش ، غريب ضرورت مند انتهائي پريشان ڏسي رهيا آهيون ، بس مان تمام حڪمرانن کان هڪ سوال ڪندس ته خدا جي واسطي غريب بي پهچ عام ماڻهن مٿان رحم ڪيو ،نه ته  ڪپتان ايندڙ پنج سال به حڪومت ڪندو ،

پهنجو تبصرو موڪليو