اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف متحده قومي موومينٽ کي اسيمبليون ٽوڙڻ ۽ نگران سيٽ اپ سميت سمورن فيصلن کان اڳ اعتماد ۾ وٺڻ جو يقين ڏياري ڇڏيو آهي. ايم ڪيو ايم پاڪستان جي وفد ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي جي سربراهي ۾ وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات ڪئي. وفد ۾ سنڌ جو گورنر ڪامران ٽيسوري، مصطفيٰ ڪمال، ڊاڪٽر فاروق ۽ ستار ۽ سيد امين الحق شامل هئا. 40 منتن تائين جاري رهندڙ ملاقات ۾ اتحادي پارٽين وزيراعظم کي پنهنجن خدشن کان آگاهه ڪيو. ايم ڪيو ايم وفد ڏوراپو ڏنو ته اهم فيصلن تي اسان کي اعتماد ۾ نه ورتو ويندو آهي. وزيراعظم پراڻا شڪوه دور ڪندي آئنده سمورن معاملن تي مشاورت جو يقين ڏياري ڇڏيو آهي. وزيراعظم ايم ڪيو ايم وفد کي ٻڌايو ته چونڊون پراڻي آدمشماري تي ڪرائڻ جو فيصلو نه ٿيو آهي.وزيراعظم شهباز شريف سمورن اهم فيصلن دوران هر مرحلي تي ايم ڪيو ايم پاڪستان سان مشاورت جو يقين ڏياريندي 3 رڪني ڪميٽي به جوڙي ڇڏي آهي. ڪميٽي نيون چونڊون، نگران حڪومت سميت سمورن معاملن تي ايم ڪيو ايم سان مشاورت کي يقيني بنائيندي. ڪميٽي ۾ (ن) ليگ جو اياز صادق، احسن اقبال ۽ خواجه سعد رفيق شامل آهن.ايم ڪيو ايم سنڌ جي نگران وڏي وزير لاءِ شعيب صديقي جو نالو تجويز ڪري ڇڏيو آهي. وزيراعظم شهباز شريف ووٽر لسٽن ۾ سنڌ جي شهرن خاص طور تي ڪراچي ۾ ڪيل بي ضابطگين کي صحيح ڪرڻ جي به هدايت ڪري ڇڏي آهي.










