ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر ) ڪراچي ۾ پاڻي جي بندش خلاف ايم ڪيو ايم سنڌ اسيمبلي جي ميمبرن سخت احتجاج ڪيو جنهن سبب ايوان مڇي مارڪيٽ جو منظر پيش ڪرڻ لڳو.
سنڌ اسيمبلي جو اجلاس ڊپٽي اسپيڪر نويد انٿوني جي صدارت هيٺ منعقد ٿيو جنهن ۾ ايم ڪيو ايم ميمبرن ڪراچي ۾ پاڻي جي بندش خلاف سخت احتجاج ۽ نعريبازي شروع ڪري ڇڏي، ميمبرن طرفان ڪراچي کي پاڻي ڏيو جا نعرا لڳايا ويا. ڊپٽي اسپيڪر چيو ته سوالن جوابن کان پوءِ انهي تي ڳالهائينداسين پر ايم ڪيو ايم ميمبرن احتجاج جاري رکندي چيو ته پاڻي جو اهم مسئلو آهي انهي تي پهريان ڳالهائينداسين.
ڊپٽي اسپيڪر چيو ته اسان ڪاروبار معطل ڪري نڪته اعتراض تي ڳالهائي ٿا وٺون. گوڙ دوران فشريز ۽ لائيو اسٽاڪ کاتي بابت سوال، جواب شروع ٿي ويا، سوالن جي وققي کان پوءِ اپوزيشن اڳواڻ علي خورشيدي پوائنٽ آف آرڊر تي ڳالهائيندي چيو ته مان ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته منهنجي آواز دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته ڪوبه هڪ نه ڳالهائي سگهندو گوڙ ڪرڻ بند ڪريو.
اپوزيشن اڳواڻ جي تقرير دوران حڪومتي ميمبرن احتجاج شروع ڪيو. علي خورشيدي ايوان ۾ خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته حڪومتي ميمبر اهو وساري ڇڏيندا آهن ته اهي حڪومت ۾ آهن، هي اسيمبلي آهي جمعه بازار نه آهي.
علي خورشيد چيو ته ڪراچي هن وقت ڪربلا جو منظر پيش ڪري رهيو آهي، هتي جا شهري پيئڻ جي پاڻي جي سهوليت کان محروم آهن. مان پاڻ ٻن ڏينهن کان پنهنجي لاءِ ٽينڪر گهرائڻ چاهيان ٿو پر اهو به نه پيو اچي. اسان شام جو آفيسز ۾ ويهندا آهيون ته ماڻهن جا ميڙ اچي ويندا آهن جنهن وٽ پاڻي نه پيو پهچي گلشن اقبال ۽ اورنگي ۾ به پاڻي نه آهي.
قانون واري وزير ضياءَ لنجار چيو ته منهنجا مخالف ڌر جا دوست پاڻي تي سياست نه ڪن، ڪي فور منصوبو هلي رهيو آهي. ايم ڪيو ايم جا دوست وفاق جو حصو آهن، حڪومت پاڻي جي معاملي تي سيريس آهي، ڪراچي ۾ پاڻي جي ورهاست ٿي رهي آهي، حڪومت حب ڪينال جي هڪ ٻئي اسڪيم آندي آهي، ڪوشش آهي ته اورنگي ٽائون ۾ پاڻي پهچايون.
هن چيو ته پاڻي جا مسئلا آهن، حڪومت پنهنجو ڪم ڪري رهي آهي، اپوزيشن جا ڪيترائي ڌيان ڏياريو نوٽيس پاڻي جي معاملن تي ايندا آهن، پاڻي جي چوري جو به وڏو مسئلو آهي، اوهان به علائقي جا مسئلا ڏسو، ڪراچي ۾ پاڻي جي ورهاست لاءِ ڪي فور منصوبي کان علاوه پاڻي پهچائڻ ممڪن نه آهي.
جماعت اسلامي جي محمد فاروق ڌيان ڏياريو نوٽيس تي ڳالهائيندي چيو ته منهنجي تڪ ۾ 36 انچ جي سيوريج لائن سبب پوري آبادي تلاءُ جو ڏيک ڏئي رهي آهي، لائن جو ڪم تمام گهڻو سلو هلي رهيو آهي، قرباني جي عيد مٿان آهي، مسجد جي سامهون 2-2 فٽ پاڻي بيٺل آهي. ايم ڊي واٽر بورڊ ۽ سي اي او کي اسان سان ڳالهائڻ ۽ ملاقات جو وقت نه آهي. ايتري دير ڇو ٿي رهي آهي، بلديات واري وزير ناصر حسين شاهه چيو ته اهو اهم مسئلو آهي جنهن تي ڪم ٿي رهيو آهي جيڪو جلد مڪمل ڪيو ويندو.










