ايف ڊبليو او اهلڪارن تي ڪيس داخل، موٽر وي بحال

ايف ڊبليو او اهلڪارن تي ڪيس داخل، موٽر وي بحال

ڪراچي(دريا خان شر) پورهئي واري وزير غلام مرتضيٰ بلوچ ٽرابسپورٽرز سان ڪامياب ڳالهيون ڪري ڪراچي ۽ حيدرآباد واري ايم نائن موٽر وي کولرائي ڇڏيو. اربع تي ايف ڊبليو او جي گارڊز جي فائرنگ سبب 3 ڊرائيور قتل ۽ 2 زخمي ٿي پيا هئا. جنهن بعد ڪراچي حيدرآباد موٽر وي ڪيترائي ڪلاڪ بند ڪيو ويو هو جيڪو  خميس رات 3 وڳي بحال ٿيو. ليبر منسٽر ۽ ڊي آءِ جي اولهه عامر فاروقي ٽرانسپورٽرز سان ڳالهيون ڪري سڙڪ کولائي. ميمڻ ڳوٺ پوليس ٿاڻي تي ايف ڊبليو  او  جي گارڊز تي ڪيس داخل ٿيندو ۽ ميرٽ تي جاچ ڪري ذميوارن کي سزا ڏياري ويندي. ايف ڊبليو او زخمين جي علاج جو خرچ ڀريندا ۽ فوتين جي خاندان جي مالي مدد ڪندا. ايف ڊبليو  او جو چوڻ آهي ته سپريم ڪورٽ جي حڪم تي عمل ڪرائيندي ايڪسل جي بنياد تي لوڊ کڻڻ لاءِ هو ڊرائيورن کي عمل ڪرڻ لاءِ چون پيا ۽ اوورلوڊنگ کان منع ڪرڻ تي هنن احتجاج ڪندي موٽر وي بلاڪ ڪيو ۽ احتجاجي مظاهرو ڪيو کين ڇڙ وڇڙ ڪرڻ لاءِ فائرنگ ٿي جنهن ۾ جاني نقصان ٿيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو