ڪراچي ( اسٽاف رپورٽر) پاڪستان تحريڪ انصاف غيرقانوني فنڊنگ ڪيس جي جاچ لاءِ ايف آءِ اي پي ٽي آءِ جي وڌيڪ پنج اڳواڻن کي طلب ڪري ورتو آهي. ايف آءِ اي ذريعن موجب پي ٽي آءِ اڳواڻن کي اليڪشن ڪميشن کان لڪايل بئنڪ اڪائونٽ آپريٽ ڪرڻ جي الزام ۾ طلب ڪيو ويو آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته فردوس شميم نقوي ۽ اڳوڻي ايم پي اي ثمر علي خان کي 19 آگسٽ تي طلب ڪيو ويو آهي. ايف آءِ عورت ونگ جي اڳواڻ فنانس سيڪريٽري فرح ناز کي پڻ نوٽيس جاري ڪيو آهي، جڏهن ته پي ٽي آءِ عورت ونگ جو اڪائونٽ آپريٽ ڪندڙ روشنا فهد کي به طلب ڪيو ويو آهي. انکانسواءِ قومي اسيمبلي جي ميمبر نجيب هارون کي به طلبي نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي.










