بيجنگ(ويب ڊيسڪ)ايشين گيمز ۾ شهروز خان هاءِ جمپ جي فائنل ۾ پهچي 2.10 ميٽر جي ليپ سان فائنل ۾ پهتو.شهروز خان فائنل لاءِ گهربل ٽاپ 12 ۾ جاءِ ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.پاڪستاني جمپر ٻئي رائونڊ ۾ 2.10 ميٽر جي بار کي ڪليئر ڪيو.شهروز کي 2 ميٽر بار ڪراس ڪرڻ ۾ ڪو مسئلو نه هو جڏهن ته شهروز ٽنهي موڙ ۾ 2.15 ميٽر بار کي ڪليئر نه ڪري سگهيو.ايشين گيمز ۾ مردن جي هاءِ جمپ جو فائنل 4 آڪٽوبر تي کيڏيو ويندو.










