اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) پوليس ايس پي عديل اڪبر جي موت واري معاملي جي انڪوائري رپورٽ جوڙي ورتي آهي. ذريعن ٻڌايو آهي ته انڪوائري رپورٽ موجب ايس پي عديل اڪبر آپگهات ڪيو. انڪوائري ڪميٽي عديل اڪبر جي آپريٽ ۽ ڊرائيور سميت ڊاڪٽرن جا بيان قلمبند ڪيا ويا.ذريعن جو چوڻ آهي ته ڊاڪٽر جي بيان موجب عديل اڪبر ڊيپ روٽيڊ اسٽريس جو شڪار هو، ڊيپ روٽيڊ اسٽريس جي لاءِ ڪوبه اوچتو حادثو ضروري ناهي هوندو. ڊيپ روٽيڊ اسٽريس جو متاثر شخص ماضي جي حادثن جو پريشر گڏ کڻي ويندو آهي.انڪوائري رپورٽ موجب ايس پي عديل اڪبر 8 اڪٽوبر تي پنهنجي ڊاڪٽر وٽ چيڪ اپ لاءِ ويو، ڊاڪٽرن انهي کان آفيس جي معاملن بابت ذهني دٻاءُ جو پڇيو هو، عديل اڪبر ڊاڪٽرن کي چيو ته مان هتي خوش آهيان. ذريعن جو چوڻ آهي ته انڪوائري رپورٽ موجب ڊاڪٽر ٻڌايو ته عديل اڪبر پروموشن نه ٿيڻ تي رنج هو. ڊاڪٽر ٻڌايو ته عديل اڪبر ڪيترائي ڀيرا آپگهات ڪيو. ڊاڪٽر عديل اڪبر جي فيملي کي کيس هٿيارن ۽ بليڊ جهڙين شين کان پري رکڻ جو چيو هو.رپورٽ موجب عديل اڪبر جي خلاف بلوچستان ۾ انڪوائري رپورٽ بڻجي هئي جيڪا 2 سال هلندي رهي، رپورٽ موجب ايس ايس پي معروف عديل اڪبر جي خلاف انڪائري رپورٽ جوڙي هئي، انهي وقت جي ايڊيشنل آءِ جي انهي رپورٽ تي عديل اڪبر کي سزا به ڏني هئي.انڪوائري رپورٽ ۾ آهي ته سزا سبب عديل اڪبر ٻيهر پروموٽ نه ٿيو، عديل اڪبر کي ڏيڍ مهينو اڳ اسلام آباد مقرر ڪيو ويو ته جيئن پروموشن ٿي سگهي، عديل اڪبر کي انهي جي ڪورس ميٽ ايس پي خرم جي درخواست تي اسلام آباد ۾ مقرر ڪيو ويو.ذريعن ٻڌايو آهي ته سينئر اي ايس پي عديل اڪبر کي شولڊر پروموٽ ڪري ايس پي انڊسٽريل ايريا لڳايو ويو، ايس پي عديل اڪبر اسلام آباد ۾ بخوبي پنهنجي ڊيوٽي سرانجام ڏيندو رهيو. ايس پي عديل ڪشمير ۾ به پنهنجي ڊيوٽي انمجام ڏني پر مريدڪي آپريشن ۾ عديل اڪبر حصو نه ورتو.پوليس رپورٽ موجب حادثي کان ڏيڍ ڪلاڪ اڳ 35 منٽ گاڏي ۾ گهمندو رهيو، پوءِ گهر ويو، عديل ڪجهه دير بعد ڊرائيور ۽ آپريٽر کي گهر گهرايو ۽ انهن سان گڏ سيڪريٽريٽ ويو، سيڪريٽريٽ ۾ عديل اڪبر جي اسٽيبلشمينٽ ڊويزن سيڪشن آفيسر سان ملاقات طئي هئي.رپورٽ موجب 4 لڳي 23 منٽن تي سيڪشن آفيسر فون تي چيو ته نڪري ويو آهيان، ٻئي ڀيري اچجو. عديل اڪبر يو ٽرن وٺڻ کان پوءِ پرڏيهي وزارت ويو، انهي کي آخري ڀيرو ڪال ايس پي صدر ياسر جي موصول ٿي، آخري ڪال تي عديل اڪبر سبزي منڊي ۾ ڪنهن واقعي بابت ڳالهيون ڪيون. ڪال جي ڪجهه دير بعد عديل اڪبر پنهنجي آپريٽر کان گن ڦري آپگهات ڪري ورتو.










